ڪوئيٽا( م ڊ) ملڪ ۾ محرم الحرام جو چنڊ نظر نه اچي سگھيو آهي، جنهن سبب هاڻي پهرين محرم الحرام سڀاڻي 20 جولاءِ 2023ع بروز خميس هوندي
ان ڏس ۾ محرم الحرام جو چنڊ ڏسڻ لاءِ مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪاميٽي جو اجلاس ڪوئيٽا ۾ ٿيو، مولانا ابوالخير جي سربراهي ۾ اجلاس بعد چنڊ نظر نه اچڻ جو اعلان ڪيو ويو
مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪاميٽي موجب ملڪ ۾ڪٿان به محرم الحرام جو چنڊ نظر اچڻ جي شاهدي ناهي ملي ان ڪري هاڻي پهرين محرم الحرام سڀاڻي 20 جولاءِ تي ٿيندي، جڏهن ته ڏهين محرم الحرام يومِ عاشور ڇنڇر 29 جولاءِ تي ٿيندو