ڪراچي (رپورٽ: حبيب جمالي) محرم الحرام دوران سوشل ميڊيا تي ڏڦير پکيڙيندڙن خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويو آهي
محرم الحرام دوران سوشل ميڊيا تي منفي يا غلط وڊيوز اپلوڊ ڪندڙ خلاف سنڌ پوليس ڪارروائي جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو آهي
سنڌ پوليس پاران چيو ويو آهي ته محرم الحرام دوران سوشل ميڊيا تي منفي يا غلط وڊيوز اپلوڊ ڪرڻ سان فرقيواراڻو انتشار پيدا ٿيڻ جو خدشو هوندو آهي
شهري اهڙيون وڊيوز سوشل ميڊيا تي اپلوڊ ڪرڻ کان پرهيز ڪن، جن سان مذهبي انتشار ڦهلجي يا وري فرقيواريت کي هٿي ملي، اهڙيون وڊيوز اپلوڊ ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي