ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) وفاقي سرڪار پاران محرم دوران سموري ملڪ ۾ فوج مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي
گهرو وزارت پاران جاري ڪيل هڪ پڌرائي موجب آرٽيڪل 245 تحت سموري ملڪ ۾ فوج مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي
فوج جي مقرري جو فيصلو صوبائي حڪومتن جي درخواست تي ڪيو ويو آهي، ڪراچي سميت سموري سنڌ ۾ 9 ۽ 10 محرم تي موٽرسائيڪل جي ٻيلهه سواري تي به پابندي لاڳو هوندي
صوبائي گهرو کاتي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، نوٽيفڪيشن موجب امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ 9 ۽ 10 محرم تي موٽرسائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي هوندي
گهرو کاتي جي نوٽيفڪيشن موجب عورتون، ٻار، بزرگ ۽ معذور ماڻهو ان پابنديءَ کان آجا هوندا