09 مئي 2023ع جي واقعن کانپوءِ پاڪستاني فوج جي سوچ ۾ تبديلي اچي چڪي آهي، ڇو ته 09 مئي جو واقعو تمام گهڻو غير معمولي هو، جنهن فوج کي صفا لوڏي ڇڏيو. اهو عام تاثر آهي، جيڪو مختلف حلقن طرفان پکيڙيو پيو وڃي. ان تاثر کي صحيح ثابت ڪرڻ لاءِ اهي حلقا ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل احمد شريف جي 25 جون 2023ع واري ان ڌماڪا خيز ڪانفرنس جو حوالو ڏين ٿا، جنهن ۾ اعلان ڪيو ويو ته، 09 مئي جي واقعن کانپوءِ “خود احتسابي جي عمل” جي ذريعي فوج پنهنجي ليفٽيننٽ جنرل سميت ٽن اعليٰ فوجي آفيسرن کي نوڪرين مان ڪڍي ڇڏيو آهي ۽ باقي ماڻهن جي خلاف به ڪارروائي ٿي رهي آهي. ڇا پاڪستان جي عوام کي خوشفهمي سان اهو تسليم ڪري وٺڻ گهرجي ته اهو تاثر واقعي درست آهي؟
پاڪستان جي تاريخ ۾ اهو پهريون ڀيرو ايئن نه پيو ٿئي ته اهڙو تاثر پيدا ڪيو ويو هجي ته فوج جي سوچ ۾ تبديلي اچي وئي آهي ۽ اها هاڻي پاڪستان جي سياست ۾ مداخلت نه ڪندي پر هر ڀيري ٿوري وقت کانپوءِ اهو تاثر غلط ثابت ٿيو آهي. هاڻي به اها ڳالهه وقت جي ڪسوٽي تي پرکي ويندي. موجوده گهڙين ۾ حتمي سچ اهو آهي ته پاڪستان جي سمورن رياستي ۽ سياسي معاملن کي فوج ڪنٽرول ڪندي آهي ۽ پاڪستان جي حقيقي اسٽيبلشمينٽ يعني اصل مقتدره فوج ئي آهي.
تاريخ ٻڌائي ٿي ته ڪنهن به رياست جي مقتدره پنهنجون اهي پاليسيون تبديل ناهي ڪندي، جن جي ڪري ان کي رياست جي سمورن معاملن تي مڪمل ڪنٽرول حاصل هوندو آهي. پاڪستان ته هڪ ننڍڙو ملڪ آهي، آمريڪا ان جي مقابلي ۾ هڪ وڏو ملڪ آهي، ان جي تاريخ به گهڻي پراڻي آهي. ان ملڪ جي رياستي اسٽيبلشمينٽ تاريخ ۾ تمام وڏا لاها چاڙها ڏٺا آهن. ان ڪيترين ئي جنگين ۽ بغاوتن کي منهن ڏنو آهي پر آمريڪي اسٽيبلشمينٽ صدين کان پنهنجون پاليسيون تبديل ناهن ڪيون. ويٽنام ۾ ان جا 90 هزار فوجي دفن آهن. اها ٻي ڳالهه آهي ته اتي آمريڪا لکين ويٽنامين جو قتل پڻ ڪيو. اهڙي ريت عراق، افغانستان ۽ دنيا جي ٻين ملڪن ۾ آمريڪا رتو ڇاڻ ڪئي پر هزارين آمريڪي فوجين جا تابوت به آمريڪا پهتا. جنگين آمريڪي معيشت کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي ۽ دنيا جو واحد سپر پاور هجڻ باوجود ان کي هر وقت ڊيفالٽ جو خطرو رهندو آهي. ان جي باوجود آمريڪي اسٽيبلشمينٽ پنهنجي اينگلو سيڪسن (Anglo-Sexon) نسل واريون جنگجُوئي خاصيتون نه ته تبديل ڪيون ۽ نه ئي تاريخ مان سبق حاصل ڪيو آهي. ڪو وڏو انقلاب ئي صدين کان حاوي آمريڪي اسٽيبلشمينٽ جو خاتمو ڪري ڪا نئين اسٽيبلشمينٽ آڻي سگهي ٿو.
سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته ڪنهن به رياست جي اسٽيبلشمينٽ پاليسيون پاڻ ناهي طئه ڪندي، بلڪه اهي پاليسيون اهي تاريخ عوامل طئه ڪندا آهن، جيڪي ان اسٽيبلشمينٽ جي صورتگري ڪن ٿا. آمريڪي رياستي اسٽيبلشمينٽ جون پنهنجون تاريخي خصوصيتون آهن. پاڪستان کان ڌار ٿيندڙ بنگلاديش جي جيڪا اسٽيبلشمينٽ ٺهي آهي، ان جون پنهنجون تاريخي خصوصيتون آهن. ڀارت، ايران، افغانستان، روس، چين، سڀني ملڪن جون اسٽيبلشمينٽ آهن، انهن جون ڌار ڌار تاريخي خصوصيتون آهن. پاڪستان دراصل سنڌو ماٿري آهي. مانسرور ڍنڍ مان نڪرندڙ سنڌو درياهه ڪيٽي بندر تائين تاريخ ۾ علائقائي وحدت جي زنجير ٺاهي ٿو. پاڪستان جي رياستي مقتدره جي بنيادي خاصيت اها آهي ته ان مذهب جي نالي تي هن ملڪ تي قبضو ڪيو.
اردوءَ جي برک دانشور محمد علي صديقي مرحوم هڪ ڀيرو لکيو هو ته مذهب جو ويس ڍڪيندڙ هر شخص غير ملڪي تهذيب جو نمائندو هوندو آهي. ان حقيقت کي سامهون رکندي پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ جي بنيادي خاصيتن کي سمجهي سگهجي ٿو. ان اسٽيبلشمينٽ پنهنجي وجود کي هن مٽيءَ ۾ تلاش ناهي ڪيو، نه ئي هتي جي ماڻهن جي وجود ۽ سوچ کي تسليم ڪيو. ان پنهنجا بنياد ٻاهران تلاش ڪيا آهن. پاڪستان جي دفاع لاءِ ٺاهيل هٿيارن تي ان حملي آورن جا نالا رکيا ويا، جن سنڌو ماٿريءَ ۾ اچي ماضيءَ ۾ بي رحماڻي ڦر لٽ ڪئي ۽ لاشن جا انبار لڳائي ڇڏيا. 09 مئي جو واقعو ڪيترو ئي غير معمولي ڇو نه هجي، اهو پاڪستاني مقتدره جي سوچ ۾ اهڙي ريت تبديلي نٿو آڻي سگهي، جهڙي ريت اسين توقع ڪري رهيا آهيون.
هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته 09 مئي جو واقعو ڇا آهي ۽ ان ۾ ڪهڙي غير معمولي ڳالهه آهي، جيڪا پهرين ڪڏهن نه ٿي هئي؟ تمام گهڻيون ڳالهيون سامهون اچي چڪيون آهن، جيڪي ان واقعي کي سمجهڻ ۾ مدد ڏئي سگهن ٿيون. 09 مئي 2023ع تي جيڪو ڪجهه ٿيو، ان کي سادن لفظن ۾ هن ريت بيان ڪري سگهجي ٿو ته اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان جي حق ۾ فوج اندر بغاوت ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ان ڪوشش جي منصوبابندي گهڻو اڳ ڪئي وئي ۽ امڪاني بغاوت جون خبرون به 09 مئي کان اڳ ۾ منظر عام تي آنديون ويون. ان منصوبابندي جو اندازو ان وقت لڳائي وٺڻ گهرجي ها، جڏهن رٽائرڊ فوجي آفيسرن جي تنظيم “ايڪس سروس مين سوسائٽي” عمران خان لاءِ کلي ڳالهائڻ شروع ڪيو ۽ تحريڪ عدم اعتماد جي ذريعي عمران خان جي حڪومت وڃڻ تي زبردست احتجاج ڪيو. اهي عمران خان کي پاڪستان جو نجات ڏياريندڙ ۽ ان جي سياسي مخالفن کي چور، ڌاڙيل ۽ ملڪ دشمن قرار ڏين ٿا.
عمران خان جي جنوني حامين ۾ رٽائرڊ ۽ حاضر سروس فوجي آفيسرن جا ڪٽنب ۽ اولاد شامل هو، جيڪي هميشه پاڪستان جي حقيقي جمهوري ڌارا کان ڌار رهيا هئا ۽ جمهوريت کي ملڪ لاءِ خطرناڪ سمجهندا هئا. جڏهن جنرل قمر جاويد باوجوه آرمي چيف هو ته ان “ايڪس سروس مين سوسائٽي” جي اعليٰ عهديدارن سان ملاقات ڪئي ۽ کين سمجهايو ته عمران خان کي هيرو پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ ٺاهيو آهي. وڏي پروپيگنڊا کانپوءِ هو هيرو بڻيو آهي. حقيقت اها آهي ته عمران خان نه ته پاڪستان جون نجات ڏياريندڙ آهي ۽ نه ئي هو ايماندار شخص آهي. هو هڪ نا اهل ۽ ڪرپٽ آهي ۽ هن کي آڻيندڙ ٻاهرين طاقتن جي ارادن جي به خبر پئجي وئي آهي پر “سوسائٽي” جي ماڻهن جو ذهن تبديل نه ٿيو. اهڙي ريت اسٽيبلشمينٽ جي پنهنجي پروپيگنڊا جو شڪار رٽائرڊ ۽ حاضر سروس فوجي، انهن جا ڪٽنب ۽ اولاد عمران خان جي حمايت ۾ گهڻو اڳتي نڪري ويا ۽ انهن پاڪستان ۾ هڪ “بهتر نظام” آڻڻ لاءِ اهڙي بغاوت جي ڪوشش ڪئي، جهڙي طرح 1995ع ۾ برگيڊيئر مستنصر بالله پاڪستان ۾ اسلامي نظام آڻڻ لاءِ بغاوت جي ڪوشش ڪئي هئي.
برگيڊيئر مستنصر بالله به ان وقت پروپيگنڊا جو شڪار ٿيو هو ته پاڪستان ۾ جمهوريت بدران ڪنهن امير المومنين جي ذريعي اسلامي نظام لاڳو ڪيو وڃي. 09 مئي 1923ع جي منصوبابندي اها هئي ته ماڻهن کان فوجي تنصيبات تي حملا ڪرايا وڃن ته جيئن فوج ۾ عمران خان جي حامي حلقن کي بغاوت جو جواز ملي سگهي ۽ اهي اهو چئي سگهن ته پاڪستان جو عوام عمران خان کي مطلق العنان حڪمران بنائڻ چاهين ٿا ۽ عوام جي ان مرضي جي خلاف جيڪو به هوندو، ان کي چٿيو ويندو. اهو دراصل اسٽيبلشمينٽ جي اندران انهن حلقن جي بغاوت هئي، جيڪي اسٽيبلشمينٽ جي ڪوڙي پروپيگنڊا جو شڪار ٿيا. توڙي جو انهن کي خبر هئي ته اسلامي نظام يا نجات ڏياريندڙ آڻڻ جي پروپيگنڊا صرف معاملن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڪئي وئي هئي. جيڪي ان پروپيگنڊا سان ذهني مريض بڻيا، اهي اسٽيبلشمينٽ جي ان حڪمت عملي جا دشمن آهن، جنهن تحت رياستي ۽ سياسي معاملن تي مڪمل ڪنٽرول حاصل ڪرڻو آهي. عمران خان جي پٺڀرائي جاري رهي ها ته اهو ڪنٽرول حقيقت ۾ ختم ٿي وڃي ها. فوج “خود احتسابي جي عمل” سان نه صرف ان پاگل پڻي جو علاج ڪري ڇڏيو آهي پر معاملن تي وڌيڪ ڪنٽرول حاصل ڪري ورتو آهي. منصوبابندي جي ماسٽر مائينڊ عمران خان سان سختي ڪرڻي آهي يا نرمي، ان جو فيصلو ڪوڙي پروپيگنڊا جو شڪار جنوني نه ڪندا، جيڪي ڪجهه قوتن جي هٿان استعمال ٿيا پر هوش وارا پنهنجين ضرورتن مطابق ڪندا.