اها اڄ کان 8 سال اڳ جي ڳالهه آهي. جولاءِ 2015ع ۾ ڪراچي ۾ گرمي جي شديد لهر آئي هئي. ان گرمي جي ڪري سوين ماڻهو مري ويا هئا. مرندڙ 500 کان وڌيڪ ماڻهن جا لاش ايڌي فائونڊيشن جي سرد خاني ۾ آندا ويا هئا ته جيئن انهن جي سڃاڻپ تائين انهن کي اتي رکي سگهجي. لاشن جي سڃاڻپ لاءِ ايڌي سرد خاني ۾ رش لڳل هوندو هو. لڳ ڀڳ 270 لاشن جي سڃاڻپ ٿي وئي ۽ انهن جا وارث لاش کڻي روانا ٿي ويا. باقي 236 لاشن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي. هڪ هفتو وڌيڪ انتظار کانپوءِ اهو فيصلو ڪيو ويو ته انهن لاشن کي دفن ڪيو وڃي.
ايڌي فائونڊيشن ٽن مرحلن ۾ تدفين جو انتظام ڪيو. اسان کي اهو ڏسي حيرت ٿي ته هر ڀيري جنازي نماز ۽ تدفين ۾ مولانا عبدالستار ايڌي پاڻ شرڪت ڪئي. حيرت ان ڪري ٿي جو سندس عمر ان وقت 87 سال هئي ۽ هو پاڻ به سخت بيمار هو. ان جي گردن ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو هو ۽ سندس دائلائسز ٿي رهيو هو. ڊاڪٽرن کيس منع ڪئي هئي ته هو گرمي ۽ اس ۾ نه نڪري. توڙي جو هو پاڻ به پنهنجي بستري تان اٿڻ جهڙو نه هو پر ان جي باوجود هو ٽئي ڀيرا تدفين ۾ شريڪ ٿيو. هو جنازي نماز پڙهي واپس ڪونه ويو پر سمورن لاشن جي مڪمل تدفين، قبرن تي پاڻي ۽ گل وجهڻ ۽ دعا تائين موجود رهيو.
مون ان دوران جيڪي منظر ڏٺا، اهي آئون اڄ تائين وساري نه سگهيو آهيان. مولانا عبدالستار ايڌي واحد شخص هو، جيڪو جنازن تي لڳاتار روئي رهيو هو، ان جي اکين مان مسلسل لڙڪ وهي رهيا هئا. هڪ ڀيري آئون حيرت مان مولانا ايڌي جي اها حالت ڏسي رهيو هئس. مون سان گڏ بيٺل هڪ اڇي سونهاريءَ واري بزرگ منهنجي ڪلهي تي هٿ رکيو ۽ مون کي مخاطب ٿيندي چيائين ته، “توهان ميڊيا وارا هنن ميتن کي لاوارث قرار ڏئي رهيا آهيو. اهي مرندڙ مظلوم ضرور آهن پر لاوارث ناهن.” مون ان بزرگ کان پڇيو ته آئون توهان جي ڳالهه نه سمجهي سگهيو آهيان. اهو بزرگ چوڻ لڳو،
“لاوارث شخص اهو ناهي هوندو، جنهن کي ظلم نا انصافي ۽ بک کان بچائڻ وارو ڪوبه نه هجي ۽ انهن جو آواز نه ٻڌجي. اهڙو شخص مظلوم هوندو آهي. اسان لاوارث ان کي چوندا آهيون، جنهن جي موت تي روئڻ وارو ڪوبه نه هجي. ايڌي صاحب هنن جي جنازن تي روئي رهيو آهي، توهان انهن کي ڪيئن ٿا لاوارث چئي سگهو!” ان بزرگ جي ڳالهه ٻڌي منهنجي اکين ۾ لڙڪ اچي ويا. آئون هميشه کان ايڌي صاحب جي عظمت جو معترف رهيو آهيان پر ان بزرگ جي ڳالهه مون کي عظمت جو مفهوم سمجهائي ڇڏيو. ايڌي صاحب هر مظلوم جو وارث بڻجي ويندو هو ۽ رت جي رشتن کان به وڌيڪ نڀائيندو هو. ان واقعي جي ٺيڪ هڪ سال کانپوءِ 08 جولاءِ 2016ع تي مولانا ايڌي هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. ان ڏينهن آئون گهڻو رنو هئس، ڇو ته اهو شخص نه رهيو،
جيڪو رنگ، نسل، ٻولي، مذهب ۽ فرقي کان مٿانهون ٿي هر مظلوم ۽ ڏکايل جو وارث ۽ سهارو هوندو هو. ان جي لاڏاڻي کان گهڻا سال اڳ جي ڳالهه آهي، اسان ڪنهن ڪم سان ايڌي فائونڊيشن کارادر جي مرڪزي آفيس وياسين. سينيئر صحافي نواب قريشي به مون سان گڏ هو. مرڪز جي ٻاهران ايڌي صاحب ڪاٺ جي بينچ تي ويٺو هو. اتي ٻه ٻيا ماڻهو به ان سان گڏ ويٺا هئا. ايڌي صاحب جي اکين ۾ لڙڪ هئا ۽ هو روئندي ڪنهن ڳالهه جو ذڪر ڪري رهيو هو. اسان سلام ڪري ڀر واري بينچ تي خاموشيءَ سان ويهي رهياسين. ايڌي صاحب لڙڪن هاڻين اکين سان پنهنجي ڳالهه جاري رکندي اسان سان مخاطب ٿي چيو ته، “ڪوبه فائدو ڪونه ٿيو”. اسان اهو سمجهي نه سگهياسين ته سندس اهو جملو ڪهڙي ڳالهه جو تسلسل آهي. ٿوري وقفي کانپوءِ هن وري چيو، “
اهو ئي ٿي رهيو آهي، جيڪو اڳ ٿيندو آيو آهي. دنيا ۾ نبي ۽ رسول آيا ۽ ٻيا به تمام سٺا ماڻهو آيا. اهي دنيا کي سمجهائيندا رهيا ته ظلم نه ڪريو پر پوءِ به اهو ٿيندو رهيو آهي. اڳ به ڌيئرن کي ڄمندي ئي قتل ڪيو ويندو هو، اڄ به اهو ئي ٿي رهيو آهي. اسان ٻاهر رستن تي پينگها رکي ڇڏيا آهن ۽ ماڻهن کي چيو آهي ته نياڻين کي قتل نه ڪريو، انهن کي پينگهن ۾ ڇڏي وڃو. اڄ وري ڪچرا ڪنڊي مان هڪ نياڻيءَ جو لاش مليو آهي.” ايڌي صاحب جي ان ڳالهه دوران ڀر واري مسجد مان اذان اچڻ لڳي. ايڌي صاحب خاموش ٿي ويو. اذان ختم ٿي ته ايڌي صاحب خود ڪلامي جي انداز ۾ ڳالهائڻ لڳو، “ڪهڙو فائدو ٿيو؟ ٺيڪ آهي، جيترو اسان کان پهچي سگهندو، اهو ڪنداسين”. اتي ويٺل هڪ شخص ٻڌايو ته ان ٻارڙيءَ جي لاش کي ايڌي صاحب پاڻ پنهنجن هٿن سان دفنائي آيو آهي ۽ اڃان تائين روئي رهيو آهي. شايد ان ٻارڙيءَ جا خوني وارث به ان ريت نه روئن ها.
مون کي ڪيترائي ڀيرا ايڌي صاحب کان انٽرويو ڪرڻ جو اعزاز حاصل آهي. هو سادي ۽ گهري ڳالهه چوندو هو ته ان وقت هو مافوق الفطرت محسوس ٿيندو هو. مون کي ان وقت احساس ٿيندو هو ته اسان ان جي شخصيت کي پنهنجي ذات جي ڪسوٽي تي پرکي نٿا سگهون. کيس اسان پنهنجين سوچن ۽ معيارن تي نٿا جاچي سگهون. انساني تاريخ ۾ گهڻائي ماڻهو آيا، جن انساني خدمت ۾ پنهنجون حياتيون گذاري ڇڏيون پر ان خدمت ۾ سندن ڪو نه ڪو مقصد ضرور هوندو هو. نامياري اديب ۽ دانشور مستنصر حسين تارڙ جي ڪيترائي سال اڳ چيل اها ڳالهه مون کي اڄ به ياد آهي ته، “مدر ٽريسا سڄي زندگي انسانن جي خدمت ڪئي پر ان جو مقصد اهو هو ته ماڻهو سندس خدمت جي ڪري عيسائيت ڏانهن راغب ٿين پر ايڌي صاحب جو ڪوبه مقصد نه هو.
” هو پنهنجي آخرت سنوارڻ لاءِ به اهو سڀ ڪجهه نه ڪري رهيو هو. مذهبي طبقا ان کي سيڪيولر ۽ ڪميونسٽ قرار ڏيندا هئا ۽ ڪميونسٽن جي نظر ۾ هو مثالي انقلابي ڪميونسٽ نه هو. مولانا ايڌي جو مسئلو اهو به نه هو ته ان جي باري ۾ ڪير ڇا ٿو سوچي. هن رنگ، نسل، مذهب، فرقي، ٻولي، صنف ۽ وطنيت کان مٿانهون ٿي دکي انسانيت سان پنهنجو رشتو جوڙيو. هن يتيم ٻارن کي پنهنجو نالو ڏنو ۽ ولديت جي خاني ۾ پنهنجو نالو لکرايو. ان کي شهرت ۽ پروٽوڪول جي به ضرورت نه هئي. اهو شيلٽر هوم ۾ مسلمان يتيم ٻارڙن کي قرآن جي تعليم به ڏياريندو هو. هن ڪيترن ئي ماڻهن جي ناراضگي باوجود گيتا نالي ڇوڪريءَ کي شيلٽر هوم ۾ مندر جوڙائي ڏنو. ان کي انسانن جي ڌپ هاڻن لاشن کان ڪرهت نه ٿيندي هئي.
ان کي خطرناڪ بيمارين جي شڪار دکي ماڻهن جي ويجهو رهندي خوف محسوس ڪونه ٿيندو هو. مولانا عبدالستار ايڌي جي شخصيت کي ڪنهن هڪ دور جي چڱائي يا برائي جي معيارن تي نٿو ڏسي سگهجي، ان کي انسانن جي شعوري تاريخ جي سمورن زمانن جي تعصبن کان مٿانهون ٿي اجتماعي دانش سان سمجهي سگهجي ٿو. منهنجي خيال موجب مولانا جي اندر اهڙو روح هو، جنهن کي گوتم ٻڌ جي ڳولها هئي. گوتم ٻڌ جو خيال اهو هو ته جڏهن انسان پنهنجي ذات کان وڌيڪ ٻين انسانن سان پيار ڪرڻ سکي وٺي ته ان کي نرواڻ ملندو آهي. اهو نرواڻ موت کانپوءِ بهشت جو نالو ناهي پر خود غرضي تي غالب اچڻ جو پر سڪون اطمينان آهي…… بي غرص اطمينان. 08 جولاءِ 2023ع تي ايڌي صاحب جي ستين ورسي ملهائي وئي. اٺين جولاءِ جو ڏينهن سڄي انسانيت لاءِ عظيم سانحو آهي. ان ڏينهن سڄي انسانيت لاوارث ٿي وئي.