بشير آباد تاريخ ۾ ڪنهن تعارف جو محتاج ناهي. هي ڳوٺ سابق وزير تعليم ۽ موجوده ايم پي اي ‘ڄام مهتاب خان ڏهر جي پَڙ ڏاڏي بشير احمد خان ڏهر، ٻڌايو، جيڪو اڄ تائين سندس ئي نالي سان مشهور آهي. هن ڳوٺ جي آبادي توڙي جو مختصر آهي پر, زندگيءَ جون بنيادي سهوليتون ميسر اٿس سواءِ ڊرينيج جي. هي ڳوٺ، اٻاوڙي شهر کان اولهه طرف ٽي ڪلوميٽر جي فاصلي تي رائونتي روڊ سان ۽ قومي شاهراهه (موٽر وي) جي کاٻي ڪپ تي قائم آهي. هت رهندڙ مقامي ذاتين ۾ ڏهرن کان علاوه، پنهور، شيخ ۽ ميگھواڙ قبيلي جا ماڻهو سالن کان رهائش پذير آهن. هت عزاداري امام حسين عليه السلام جو بنياد فقير محمد پنهور عَلم حضرت عباس علمدار (ع) لڳائي وڌو. امام بارگاهه لاءِ ‘فقير محمد پنهور’ پنهنجي زرعي زمين مان پنج ويسا پلاٽ ڏنو، جنهن ۾ عَلم پاڪ نصب ڪري امام بارگاهه قائم ڪيو ويو. ان کانپوءِ ڳوٺ ۾ حسينيت جو پيغام پکڙجڻ لڳو. فقير محمد پنهور جو فرزند ‘نهال خان پنهور’ هن پوري علائقي ۾ عزاداري امام حسيؑن جو پيغام پکيڙڻ جو سلسلو شروع ڪيو. اهڙي ريت عزاداريءَ جو سلسلو وڌندو ويو.
امام بارگاهه:
ڏسندي ڏسندي ڪجهه مهينن ۾ نهال خان پنهور، اهڙو ته يگانو عزادار بڻجي ويو، جو جتي به مجلس حسيؑن بابت ٻڌندو ھو، اتي وڃي شرڪت ڪندو ھو. ائين سنڌ کان پنجاب تائين مجلسون ٻڌڻ جي عشق ۾ نڪري پوندو هو. جتان عِلم حاصل ڪري اچي پنهنجي علائقي ۾ پرچار ڪندو هو. نهال خان پنهور جي اهڙي تبليع جو دائرو وسيع ٿيڻ لڳو، هن پنهنجي زندگيءَ ۾ ڳوٺ خير محمد پنهور ۾، خادم حسين پنهور، (چاچو غلام مصطفى پنهور) ۾ عزاخانو قائم ڪرايو. جنهن لاءِ خادم حسين پنهور، ڄام شڪيل احمد خان ڏهر (مرحوم) کان پنج ويسا زمين خريد ڪري اتي عَلم حضرت عباس (ع) بلند ڪري ٻيو امام بارگاهه قائم ڪيو. ان بعد اهڙو سلسلو وڌڻ شروع ٿيو ته ارباب علي پنهور به پنهنجي ذاتي ملڪيت مان پنج ويسا پلاٽ ۾ امام بارگاهه قائم ڪيو. اهو امام بارگاهه 2020ع ڌاري قائم ٿيو. پوءِ امير بخش پنهور، پنهنجي پلاٽ ۾ چار ويسن تي امام بارگاهه قائم ڪيو. هت عزاخانن ۾ قائم عَلم حضرت عباس عليه السلام ، هر سال نوان ڪرڻ _ سينگارڻ لاءِ ٽيهه ذوالحج تي لاهي وري چوٿين محرم الحرام تي بلند ڪيا ويندا آهن.
ماتمي جلوس:
هت پهريون ماتمي جلوس چوٿين محرم الحرام تي برآمد ڪيو ويندو آهي، جيڪو صبح جو نائين وڳي امام بارگاهه خادم حسين پنهور مان نڪري مريد حسين پنهور جي گھر، پوءِ استاد نبي بخش پنهور، ارباب علي پنهور، استاد مزاري پنهور، امير بخش پنهور جي امام بارگاهه بعد ارباب علي پنهور جي امام بارگاهه کانپوءِ خادم حسين پنهور جي امام بارگاهه پهچي ڏيڍ وڳي منجھند جو دعاءِ خير سان ختم ٿيندو آهي.
هي جلوس سنڌ جي ڳوٺن جيان امام بارگاهه مان برآمد ٿي عزادارن جي گھر… گھر… پهچندو آهي. جتي جلوس جي انتظار ۾ مستورات پڻ موجود هونديون آهن. جلوس پهرين ياحسيؑن…! هائي حسيؑن…! جي ڌک ڀريل صدائن سان شروع ٿيندو آهي. مخصوص روٽ _ پِڙَ تي پهچڻ بعد نوحاخواني شروع ٿيندي آهي. هن ڳوٺ جا مشهور نوحاخوان غلام مصطفى` پنهور جن آهن، جيڪي پنهنجي سٿ سميت پنهنجي ڳوٺ کان علاوه ڀر پاسي جي ڳوٺن ۽ اٻاوڙو ۾ پڻ نوحاخواني لاءِ ويندا آهن. هن ماتمي جلوس ۾ مقامي نوحاخوان غلام مصطفى` پنهور کان علاوه استاد وزير علي پنهور، سيد عرفان علي شاهه (لانگھو)، فدا حسين پنهور (مَٽر ڪوٽ)، عبدالرشيد ڀٽو (اٻاوڙو)، وسيم عباس ملڪ (اٻاوڙو)، قلندر بخش رند (چوڪ ماڙي _ اٻاوڙو)، ۽ استاد الهه يار خان رند _ قمر عباس رند (چوڪ ماڙي _ اٻاوڙو) جن نوحاخواني ڪندا آهن.
جلوس دؤران هر گھر ۽ امام بارگاهه ۾ عزادارن لاءِ مختلف قسمن جي نياز امام حسيؑن جو اهتمام ٿيل هوندو آهي. سڄي جلوس ۾ مختلف سبيل جو بندو بست پڻ هوندو آهي. هن جلوس ۾ زيارت لاءِ شبيهه ذوالجناح، سيد مهدي شاهه اٻاوڙي کان آڻيندو آهي، جيڪا سڄي جلوس جي مومنن لاءِ زيارت ۽ زينت بڻيل هوندي آهي. هت 30 ذوالحج تي عَلم حضرت عباس (ع) نوان ڪرڻ لاءِ لاٿا ويندا اهن. جن کي چار محرم تي سينگاري بلند ڪيو ويندو آهي. هت پهرين محرم جو چنڊ بيهڻ سان عزاداري جو سلسلو شروع ٿي ويندو آهي، جيڪو پهرين محرم جي رات کان ڏهين محرم جي رات تائين جاري رهندو آهي. عزاداريءَ جو اهڙو سلسلو مرڪزي امام بارگاهه ۾ جاري رهندو آهي بعد عزاداري آيل مومنن ۾ نياز ۽ سبيل امام حسيؑن تقسيم ڪيو ويندو آهي. ڏهين محرم جي رات شب عاشور تائين ڳوٺ ۾ عزاداري جو سلسلو قائم رهندو آهي ان بعد صبح جو شهر اٻاوڙو ۾ عزاداريءَ لاءِ عزادار مڙد ۽ عورتون جلوس جي صورت ۾ ياحسيؑن… جي درد ڀرين صدائن سان پيرين اگھاڙي روانا ٿيندا آهن. جتي سڄو ڏهاڙو مخصوص مقامن تي ماتمي جلوس جي روٽ سان نوحاخواني پڻ ڪندا آهن، شام ِغريبان شهر ۾ ٻڌڻ بعد واپس ڳوٺ ڏانهن ڪونجن جي قطارن جيان روئندا ورندا آهن.
مستورات جي عزاداري:
هن ڳوٺ جون زائفائون سيدن جي سوڳ ۾ پهرين محرم کان تيرهين محرم تائين تن تي لباس ڪارو ۽ پير اُگھاڙا ڪن. عورتن لاءِ مڪمل عشري جو بندوبست هڪ هنڌ خادم حسين پنهور جي گھر ۾ سانئڻ بتول (س) جي ٻچڙن جي سوڳ جو تڏو وڇايو ويندو آهي. جتي ڳوٺ ۽ آس پاس جون سڀ مومنياڻيون گڏ ٿي سانئڻ زهرا سلام الله عليها کي ٻچڙن جي پرچاوڻي ڏينديون آهن. هت پهرين مجلس جي شروعات خمسہ کان ٿي پوءِ 2025ع ۾ مڪمل عشرو ٿيڻ لڳو. ڏهه محرم جي ڏهاڙي صبح کان شام غريبا تائين شهر اٻاوڙي ۾ عزاداري ڪنديون آهن.
بشيرآباد۾ مستورات جي عزاداري: پهرين محرام کان ڏهين محرم جي رات تائين بعد مجلس عزا نوحن تي سينا زني ڪن. شهر اٻاوڙو جون ذاڪرياڻيون اچي پورو عشرو پڙهنديون آهن. سج لٿي کان سومهڻيءَ تائين عزاداريءَ جو اهڙو سلسلو هلندو آهي جيڪو دعاءِ خير سان ختم ٿيندو آهي. هت مجلس عزا جي شروعات پهرين خَمسہ سان ٿي. ان بعد 2025ع ۾ مڪمل عشرو شروع ٿيو. ڏهين محرم جي ڏينهن صبح جو جلوس جي صورت ۾ شهر اوٻاوڙو عزاداري لاءِ ماتمي جلوس جي صورت ۾ شريڪ ٿين. جتي شام غريبا جي دعاءِ خير کانپوءِ پنهنجن گھرن ڏانهن ياحسيؑن …. هائي سڪينا… هائي شام … جي سوڳوار صدائن سان واپس روئينديون پيرين اگھاڙيون وَرن… جيڪو انتهائي مصائبي منظر هوندو آهي.
مجلس عزا جي ترتيب ڪجهه هن ريت هوندي آهي: عشره محرم جي مجلس خادم حسين پنهور جي گھر ٿيندي آهي. جتي هڪ هنڌ عشرو ۽ عزاداري ٿيندي آهي. هن ڳوٺ: جو مشهور نوحاگو شاعر غلام مرتضى پنهور آهي, جنهن جا نوحا سنڌ پنجاب ۾ پڙهيا ويندا آهن. استاد الهه يار رند_ قمر عباس رند، سيد حيدر شاهه بخاري ۽ غلام مصطفى پنهور ۽ ٻيا پڙهندا آهن. هن نوجوان شاعر هن مهل تائين هر موضوع تي ڪافي نوحا لکيا آهن. جيڪي اردو ۽ سرائڪي ٻوليءَ ۾ آهن. سندس شاعريءَ جي دنيا ۾ استاد غلام حُر ‘آزاد’ (ڊيره اسماعيل خان) آهي. جنهن کان شاعري جي سکيا وٺندو آهي. هر لکيل نوحي جي کانئس اصلاح ڪرائي پوءِ نوحاخوانن کي پڙهڻ لاءِ ڏيندو آهي. هي عزادار ٻالڪ پڻ کان ئي ٻنهي ٽنگن کان (معذور) آهي. والد پرائمري استاد جي نوڪري ملڻ بعد ڪجهه مهينن ۾ وفات ڪري ويس. گذر سفر لاءِ ٻنيءَ جا ٻه ايڪڙ اٿس. پاڻ (BA ) پاس آهي. پهرين مزدوري ڪرڻ لاءِ معذورن واري سائيڪل تي شهر اٻاوڙي ۾ هڪ ديوان رميش لال جي بوٽن جي دوڪان تي ڪمپيوٽر رکي ڊائون لوڊ وارو ڪم ڪري ٻڍڙي امڙ جو پيٽ پالي، گھر جي گاڏي کي ڌڪيندو رهيو. والد جي نوڪري پڪي ٿيڻ کان اڳ ئي سندس والد جي وفات ٿي ته اتان به ڪجهه نه مليس. اهڙي حالت ۾ به هن همت نه هاري. پنهنجي رزق لاءِ جستجو ڪندو رهيو. سئوٽن هن مهل تائين کيس ڏک سک ۾ ڀرپور ساٿ ڏنو آهي. مولا حسيؑن جي ڪرم سان هاڻ تازوئي کيس معذورن جي ڪوٽا تي ‘حبيب بينڪ’ اٻاوڙو ۾ نوڪري ملي آهي، جتان بهتر نموني گذر سفر ڪري ٿو. غمِ حسيؑن سان تمام گھڻو عشق اٿس. مولا حسيؑن سندس عِلم ۽ قلم ۾ اضافو فرمائي. سندس هڪ شعر جيڪو انٽرويو دؤران پاڻ ٻڌايائين. شاعراڻي تخلص ۾ پنهنجو نالو ‘مرتضى`’ استعمال ڪندو آهي.
قیدخانے میں سکینہ کو سلانے آجا،
لوریاں مجھ کو ایے بابا تو سنانے آجا۔