نيري آڪاش تي غمِ حسيؑن جو سوڳوار چنڊ چڙهڻ سان سڄي سنڌ جيان “چوڪ ماڙي” جي سرزمين به سوڳوار بڻجي ويندي آهي. هر ڏسا کان “يا حسيؑن، هاءِ حسيؑن” جون پُردرد صدائون ٻُرڻ لڳنديون آهن. بارگاهن ۾ انگاس نوان ڪري بلند ڪرڻ مهل نوحن تي عزاداري شروع ٿيندي آهي.
سنڌ ۾ ڪرِبل ڪُٺلن جو قصو سينا به سينا، بيانن ۽ روايتن جي آڌار تي پهتو ۽ پکڙيو. ڪربلا جي رَت رڱيل ڪهاڻيءَ کي پهرين مُحبِ حُسيؑن عزادارن، ذاڪرن ۽ پوءِ شاعرن ۽ عالمن عوام تائين پهچايو. هاڻ ته “مصنوعي ذھاڻت” جو دؤر هلي پيو. اڄ جي هر مڪتبِہ فڪر جو نوجوان بنا ڪنهن سينا به سينا سانڍيل روايتن ۽ بيانن جي، سڌيءَ ريت تاريخِ اسلام ۽ تاريخِ اهلبيت (ع) بابت مستند ڄاڻ حال ڪرڻ خاطر ليکڪن، تاريخدانن ۽ عالمن جي ڪتابن کي پروڙي حقيقي ڄاڻ حاصل ڪري ٿو. ‘ٽي وي _ شو’ ۾ ويٺل عالمِ دين کان تاريخ جي انهن منجھيل مسئلن بابت نيٽ وسيلي، لائيوِ ۽ سوشل ميڊيا، واٽس ايپ تي سوال پڻ ڪري ٿو. هو سمجھڻ ٿو چاهي ته آخر واقعہء ڪربلا ڇو جنم ورتو ۽ ان جا ڪارڻ ڪهڙا آهن؟
مطلب ته ڪربلا ۾ ٿيل ڪوس جي ڪهاڻي هاڻ ڪنهن جي اکين ۽ هٿن کان ڳجھي ۽ اوجھل ناهي رهي ۽ نه ئي ان ۾ ڪو مونجھارو رهيو آهي. شعور جي روشن لاٽ ۽ جديد ٽيڪنالوجي ان قصي کي جهالت ۽ منافقت جي انڌيري مان ڪڍي چِٽي چانڊاڻ جيان عيان ڪيو آهي. هاڻ هر ماڻهو ڄاڻي چڪو آهي ته، “ڪربلا حق جو سڌو رستو ۽ انسانيت جي درس گاهه آهي.”
سنڌ ۾ ڪربلا جي قتل جي خبر سان حضرت حسيؑن جي سوڳ _ عزاداريءَ جي ابتدا ٿي. جنهن لاءِ سنڌ جو وارياسو علائقو ٿرَ جي خشڪ ڌرتي ڏسجي ٿي. جتي پهريان ڪربلا جي قتل جي خبر پهتي. غمَ جو تڏو وڇايو ويو، پوءِ وقت جي رفتار سان آهستي آهستي سڄي سنڌ ۾ ڏکاري خبر پهتي. ائين غمِ حسيؑن جي پيغام جي ابتدا ٿي. غم حسيؑن جي پيغام جي پکيڙ علائقي جي حساب سان مختلف انداز ۾ ٿيندي رهي آهي. جنهن جو مختصر ۽ مستند حوالو منهنجي 2017ع ۾ آيل ڪتاب: “محرابپور جي عزاداري: هڪ صديءَ جو سفر” ۽ انجنيئر سيد عبدالحسين موسوي پاران روهڙيءَ جي عزاداريءَ تي 2013ع ۾ آندل ڪتاب: “روهڙيءَ جون ساڍيون ٽي سورائتيون صديون” ۾ جامع انداز ۾ سهيڙيل آهي.
سنڌ صوبي جو پهريون _ شروعاتي تعلقو اٻاوڙو آهي. جنهن جي حد ڪمون شهيد کان شروع ٿئي ٿي. هن تعلقي ۾ عزاداريء امام مظلوم جي شروعات نيشنل هاءِ وي جي کاٻي ڪپ تي قائم مشهور “چوڪ ماڙي” لڳ رند قبيلي جي ڳوٺن کان ٿئي ٿي. جنهن ۾ مشهور ۽ مرڪزي ڳوٺ “بلاول خان رند” آهي. جيڪو اڄ به هن علائقي ۾ عزاداري امام مظلوم جو ڳڙهه بڻيل آهي. هن ڳوٺ جي پريي مڙس امتياز خان رند ٻڌايو: “هن علائقي ۾ عزاداري امام مظلوم جي پيغام جي پکيڙ هن ڳوٺ کان ٿي، جيڪا ڪيترن ئي ڀرپاسي جي ڳوٺن ۽ علائقن تائين پهتي. هاڻ ته هت هر ڳوٺ عزا جي ڏهاڙن ۾ بارگاههِ نجف ۽ ڪربل ڪٺلن جي ياد ۾ سوڳوار بڻيل هوندو آهي. جيڪو ايام محرم ۾ ڪارو لباس ڪري ڪربل ڪٺلن جي ياد تازه ڪندو آهي.”
چوڪ ماڙي _ تعلقي اٻاوڙي، مان حسينيت جو پيغام جو پڙلاءُ پوري علائقي تائين پهتو، جيڪو ٻن خوش نصيب شخصيتن قبول احمد خان رند ۽ الهه جِوايو رند، پيرين پنڌ پهچايو. اڄ انهن عزادار شخصيتن جي ڏنل پيغام جو ئي اثر آهي جو ‘چوڪ ماڙي’ _ تعلقه اٻاوڙو پاڪستان ۾ عزاداري _ نوحي خوانيءَ جي حوالي سان مشهور آهي. پاڪستان جي مشهور نوحاخوان استاد الهه يار رند (چوڪ ماڙي)، ٻڌايو: “قبول احمد خان رند منهنجو ڏاڏو هو. الهه جِوايو رند ان جو عزيز هو. هنن کي گذر سفر لاءِ پنهنجي زمين هئي.( زميندار هئا)، هنن حسينيت جي تبليغ جو سلسلو پنهنجي خرچ تي شروع ڪيو”.
قديم زماني ۾ ڳوٺن ۾ پاڻي جي سهوليت خاطر ‘کوهه’ کوٽيل هوندا هئا. اتي ڳوٺاڻن جي ڪچهري ٿيندي هئي. هي ٻئي جوان رات جي وقت اتي ڳوٺاڻن جي ڪچهري قائم ڪري حسينيت ۽ عزاداري امام مظلوم جي تبليغ ڪندا هئا. انهن جي اهڙي پُر اثر ڪچهريءَ ڳوٺاڻن کي هر رات اتي وڌ کان وڌ گڏ ٿيڻ تي مجبور ڪيو. ايئن هنن هڪ ڳوٺ کان ٻئي ڳوٺ تائين پاڻيءَ جي ‘کوهن’ تي ڪچهرين جو سلسلو قائم رکيو. پوءِ پنهنجي اهڙي تبليغ جي سلسلي کي اڳتي وڌائڻ لاءِ هنن پيدل ٻين ڳوٺن ڏانهن وڃي اتي ڪچهرين ۾ اهڙو پيغام ڏيڻ شروع ڪيو. جيڪو آهستي آهستي ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ وڌڻ لڳو، جنهن سبب سندن تبليغ جو اهو اثر ٿيو جو ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ عزاداري امام حسين عليه السلام جو سلسلو پيار محبت سان شروع ٿي ويو. جن ۾ ڳوٺ ‘کنڀڙا’ مريد شاخ (ننڍڙو شهر)، ڳوٺ مٽر ڪوٽ، ڳوٺ: لانگھو وغيره شامل آهن. هنن عزادارن جي اهڙي تبليغ سبب اتي ذاڪرِ اهلبيت به پيدا ٿيا. جن ۾ ذاڪر اهلبيت رجب علي مُهاڻو،(کنڀڙا)، ذاڪر جهان خان ڏهر (مَٽر ڪوٽ)، جيڪي سڄي حياتي عوام کي تاريخ اهلبيت (ع) کان واقف ڪندا رهيا.
چوڪ ماڙي: هن علائقي ۾ پهريو عزاخانو ڳوٺ ‘بلاول خان رند’ ۾ قائم ٿيو. (جيڪو اڄ به سندس حاويلي ۽ بنگلي ڀرسان قائم آهي)، 2010ع کان ان قديم عزاخاني کي عورتن لاءِ مخصوص ڪيو ويو آهي. جتي صرف زائفائون ئي عزاداري برپا ڪنديون آهن. جتي مڪمل عشره محرم ۽ مخصوص ڏهاڙن تي عزاداريءَ جا پروگرام ٿيندا آهن. بعد مجلس نوحاخواني تي سينا ڪوبي ڪئي ويندي آهي. هي عزاخانو عورتن لاءِ مخصوص ڪرڻ کان اڳ ڳوٺ ۾ 2011ع ۾ هڪ نئون وڏو عزاخانو قائم ڪيو يو. جتي پڻ باقاعدي عشره محرم الحرام ۽ ٻيا عزاداريءَ جا پروگرام ٿيندا آهن. جنهن ۾ مستورات جي به شرڪت ٿيندي آهي. پروگرام جي پڄاڻيءَ بعد عورتون واپس اچي پنهنجي مخصوص عزاخاني ۾ عشره محرم الحرام جي مجلس عزا ۽ عزاداري برپا ڪنديون آهن.
هن علائقي ۾ عزاداري امام حسين عليه السلام جي شروعات پهرين ياحسيؑن جي پُردرد صدائن ۽ اوسارن سان ٿي پوءِ 1980ع جي ڏهاڪي کان نوحاخواني شروع ٿي. جڏهن ته هاڻ ٻاهرين شهرن کان به عالم ۽ ذاڪر هت مجلسون ۽ عشرو پڙهڻ لاءِ ايندا آهن. مستورات ۾ به عشره محرم الحرام ۾ ٻاهر کان ذاڪرياڻيون اينديون آهن. هت مسلڪ وغيره جو ڪوبه مسئلو ناهي. سڀ ڳوٺاڻا گڏجي عزاداري ڪري ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪندي پرچاوڻي ڏيندا آهن.
1978 / 79ع ۾ هت نوحاخوانيءَ جي باقاعدي ابتدا ٿي. جنهن ۾ اڳواڻ استاد الهه يار خان رند، سان ساٿي مختيار احمد خان رند (مرحوم)، استاد پهلوان (مرحوم)، استاد حلب حسين رند (مرحوم) ۽ ذاڪر حسين رند جن شامل هئا. نوحاخوانيءَ جي حوالي کان بنيادي سکيا سيد سبطين شاهه (ڊيرا اسماعيل خان) پنجاب کان ورتي، جنهن بعد پڙهت ۾ هڪ نئون رنگ پيدا ٿيو ته پوري پاڪستان جي مشهور شخصيت ۽ نوحي خوانيءَ جي دنيا ۾ هڪ حوالو بڻجي ويا.