| محسن نقوي بلاول کانپوءِ منهنجي ٻئي پٽ جيان آهي: آصف زرداري |
منامه (م ڊ) صدر آصف علي زرداري بحريني گهرو وزير سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران ٻنهي ملڪن جي سيڪيورٽي ۽ دهشتگردي مخالف تعاون کي مضبوط ڪرڻ تي زور ڏنو ويو. بحريني گهرو وزير وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي ڪردار جو خاص ذڪر ڪندي ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ ۾ انهن جي ڪوششن کي ساراهيو. صدر زرداري پڻ محسن نقوي جي تعريف ڪندي چيو ته محسن نقوي بلاول کان پوءِ ٻئي پٽ جيان آهن. ملاقات دوران پاڪستان ۽ بحرين منشيات جي اسمگلنگ خلاف گڏيل قدمن تي پڻ اتفاق ڪيو.