محسن نقوي جي ملاقات: زرداري پ پ اڳواڻن جا خدشا ٻڌايا

جُون 19, 2023

دبئي (م ڊ) پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي دبئي ۾اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ڪري سندس عيادت ڪئي آهي

ذريعن موجب ٽي چار ڏينهن اڳ نگران وڏو وزير اوچتو دبئي روانو ٿي ويو هو ۽ محسن نقوي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کان سندس طبيعت دريافت ڪئي

 ذريعن جو چوڻ آهي ته اڳوڻي صدر پ پ جي اڳواڻن جي خدشن بابت به ڳالهايو

 ان حوالي سان پنجاب جي نگران اطلاعات بابت وزير عامر مير چيو ته هو نگران وڏي  وزير جي آصف علي زرداري سان ملاقات بابت نٿو ڄاڻي

Leave A Comment