سنڌ ھر لحاظ کان نہ صرف مختلف رھي آھي پر لکين ڪروڙين ماڻھن جي لاءِ پيار، محبت، شفقت جي ھنج بہ رھي آھي. سنڌ جن جن کي پنھنجي ھنج ۾ ورتو ۽ نپايو آھي، انھن بہ سنڌ سان، سنڌ جي ثقافت سان، سنڌ جي ٻولي سان ۽ سنڌ جي رواداري سان اھڙو تہ نڀايو آھي جو جڏھن اھي عالمي يا ملڪي فورمن تي سنڌ جي مسئلن جا ڪيس پيش ڪن ٿا تہ ھنن جي اصل طاقت ۽ اتساھ اھو جذبو آھي، جيڪو سنڌ سان محبت جي بدولت ھنن کي فطرتي طور تي عطا ٿيل آھي. ھونئن بہ سچي عبادت ۽ حقيقي محبت جو تعلق ڪنھن اعزاز يا انعام کي حاصل ڪرڻ ناھي ھوندو پر عبادت ڪندو رھجي، محبت جاري رکجي. اھوئي سبب آھي جو لطيف سرڪار پنھنجي شاعري ۾ انھن کي ڳايو آھي جيڪي ھر لوڀ، لالچ، انعام ۽ سک ۽ چين کان مٿانھان ٿي ڪري محبتون ڪندا رھيا. ھاڻي جڏھن سنڌ جي موجوده تاريخ جي مطالعو ڪريون ٿا تہ جتي اسان کي سنڌ سان محبت ڪندڙن ۽ نڀائيندڙن جو انگ ڪاٿي کان ٻاھر ملي ٿو، اتي ان ڪاٿي ۾ ڀلا اسان سنڌوءَ جي وڪيل ۽ قلم جي سپاھي سائين محمد ادريس راجپوت کي ڪيئن ٿا وساري سگھون. سنڌ جي تاريخ رڳي اھڙن ماڻهن جي قربانين سان ڪانہ جڙي آهي، جيڪي هن ڌرتيءَ تي ڄاوا ۽ وڏا ٿيا پر، اھڙن سان بہ جڙي آھي، جن جي سنڌ جنم ڀومي تہ نہ ھئي پر ھنن سنڌ کي ئي پنھنجو دائمي مسڪن چونڊيو ۽ بڻايو. ھنن سنڌ کي، سنڌ جي اصل رنگ ۾ سمجهيو ۽ سنڌ جي لاءِ پاڻ کي سدائين جي لاءِ وقف بہ ڪري ڇڏيو. سائين محمد ادريس راجپوت اهڙن ئي املھ ماڻهن مان هڪ هو، جيڪو نسلي متڀيد، ٻولين ۽ جنم ڀوميءَ کان مٿانهون ٿي ڪري سنڌو درياھ، سنڌ جي پاڻي ۽ سنڌ جي حقن جو اھڙو تہ سچو وڪيل ۽ قلم جو سپاھي بڻيل رھيو، جو وقت جو حڪمران بہ ھن جي دليلن جي آڏو بي بس نظر آيو. ھي ھڪ زندہ تاريخ جو زنده مثال آھي.
20 نومبر، 1941ع تي، ڀارت جي ضلعي گڙگائون (موجوده گروگرام) جي ڳوٺ نوھ (اڳوڻو نالو: ميوات) ۾ جنم وٺندڙ محمد ادريس راجپوت جو خاندان ورهاڱي کانپوءِ، لڏپلاڻ ڪري، سنڌ جي مٽيءَ سان رچي ويو. پھريان ٽنڊو الهيار، بعد ۾ ٺارو شاھ ۽ پوءِ وري قمبر (ھاڻوڪو قمبر – شھداد ڪوٽ ضلعو) ئي ننڍڙي ادريس راجپوت جي شعور جا مرڪز ۽ سنڌ جا پھريان سپنا بڻيا. ننڍپڻ ۾، ابي امڙ جي وڇوڙي ۽ ڏاڏي جي تربيت ھن جي شخصيت ۾ ھمت، بردباري، تحمل ۽ اصول پسندي جي اھڙي تہ آبياري ڪئي، جو ساڳي آبياري حقيقي آبياري (پاڻي سان دوستي) ۾ تبديل ٿي وئي. تعليم جي ميدان ۾ هو شروع کان ئي محنتي ۽ نمايان رهيو. قمبر جي مين پرائمري اسڪول کان وٺي ميونسپل هائي اسڪول قمبر تائين، هر مرحلي تي نمايان نمبرن ۽ پوزيشنز کي حاصل ڪندڙ هي ذهين شاگرد جڏهن گورنمنٽ ڪاليج حيدرآباد مان انٽرميڊيئيٽ ۾ پھرين پوزيشن کڻي اين اي ڊي يونيورسٽي ڪراچي مان سول انجنيئرنگ ۾ گولڊ ميڊل جي اعزاز سان فارغ التحصيل ٿيو تہ ھن کي ڪھڙي خبر ھئي تہ انجنئيرنگ جي ڊگري حاصل ڪرڻ بعد ھن جي سامهون رڳو هڪ ڪامياب ڪيريئر نہ پر، سنڌ جي لاءِ هڪ اھم ذميواري ھن جو انتظار ڪري رھي آھي. آمريڪا جي مشھور تعليمي اداري، يونيورسٽي آف منيسوٽا مان اسڪالرشپ جي آڇ بہ ٿي پر نوجوان انجنيئر ادريس راجپوت پنھنجي ڏاڏي جي تربيت کي آڏو رکي سنڌ جي خدمت ڪرڻ کي ئي ترجيح ڏني. 1966ع کان آبپاشي کاتي ۾ بطور اسسٽنٽ انجنيئر جي نوڪريءَ سان شروعات ڪندڙ محمد ادريس راجپوت مختلف عھدن تي رھندي ۽ اھم ذميوارين کي نڀائيندي اچي سيڪريٽري آبپاشي کاتو، سنڌ بڻيو، جتان 2001ع ۾، رٽائر ٿيڻ بعد بہ، ھن پاران سنڌ جي خدمت ڪرڻ تان ڪڏھن بہ ھٿ نہ کنيو ويو. سرڪاري عھدن تي رھندي سنڌ جي پاڻي ڪيس کي وڏي بھادري سان وفاق آڏو رکندو ۽ وڙھندو رھيو ۽ رٽائرمنٽ بعد قلم ھٿ ۾ کڻي عام ۽ ايندڙ ٽھي کي ساڳين خطرن کان آگاھي ۽ شعور ڏيندو رھيو. ڪيڏي نہ وڏي ڳالھ آھي تہ اھم سرڪاري عهدن تي رھندي ۽ ملڪ جي سياسي، سماجي ۽ معاشي حساسيت جي ڄاڻ رکندي بہ، هن ڪڏهن بہ پنهنجي فڪري آزادي تان ھٿ نہ کنيو. ۽ ڪيڏي نہ فخر جي ڳالھ آھي تہ: جتي سنڌ جا ڪيترائي سنڌي ڪامورا سنڌ جي نالي وٺڻ کان ڪيٻائيندا رھيا ۽ رھيا آھن، اتي ادريس راجپوت جھڙو سنڌ جو گھڻ گھرو ڪامورو سنڌ دشمن پاڻي منصوبن خلاف انگن، اکرن، دليلن ۽ مضبوط علمي سگھ سان وقت جي آمرن ۽ حڪمرانن سان منھان منھن ٿيندو رھيو.
ھن ڳالھ کي بہ رڪارڊ تي آڻڻ ضروري آھي تہ پاڻ جڏھن آبپاشي کاتي ۾ رھيا تہ سنڌ جي پاڻي ڪيس تي موقف کي سئو سيڪڙو چٽو رکيائون پر جڏھن رٽائرمينٽ ٿي تہ سائينءَ جو ڪردار وڌيڪ سگهارو ٿيو، ڇاڪاڻ جو سرڪار جو ماڻھو ھوندي، ماڻھو ڪافي مصلحتن ۽ سمجھوتن جو شڪار رھي ٿو پر آزاد ٿيڻ بعد جيڪي ماڻھو واقعي پنھنجي جنم ڀومي سان نڀائين ٿا، سائين محمد ادريس راجپوت لاءِ چئي سگھجي ٿو تہ رٽائرمنٽ بعد هن پاڻ کي مڪمل طور تي سنڌ جي پاڻيءَ جي ڪيس لاءِ وقف ڪري ڇڏيو ھو. سندس لکڻيون، ڏھن کان مٿي لکيل ڪتاب، جذباتي لڳاءُ ثابت ٿو ڪري تہ سنڌ جو ھي ڪامورو صرف نالي جو نہ پر اصلي، نسلي ۽ سچو ڪامورو ھو. سنڌ جي پاڻي ڪيس تي سندس پاران ڪيل سڀ ڪم سرڪاري توڻي غير سرڪاري اسان سڀني جي لاءِ رھنمائي جو وڏو ذريعو آھن. ”گريٽر ٿل ڪينال ۽ ڪالا باغ ڊيم“ جهڙو ڪتاب هجي يا ”سنڌو درياھ، انڊس ڊيلٽا ۽ پاڻيءَ جي منصفاڻي ورڇ“ بابت مختلف سنڌي، اردو ۽ انگريزي اخبارن ۾ ھن جا ڇپيل آرٽيڪل: سڀ جا سڀ سنڌ جي پاڻي ڪيس جا تاريخي دليلن جا مضبوط حوالا آھن. سائين محمد ادريس راجپوت جي سرڪاري ذميواري ۽ ھن جو قلم ڪنهن جي خلاف نفرت جو حوالو ۽ اوزار نہ هو پر، شعور جو ڏيئو ۽ صحيح راھ ڏانھن وک کڻڻ جو ڏانءُ آھي. پاڻ ثابت قدم، نرم گفتار، خوش لباس ۽ نفيس طبيعت جا مالڪ تہ ھئا ئي ھئا پر، سرڪاري ۽ فڪري محاذ تي بہ پهاڙ وانگر اٽل، چٽا ۽ سخت رھيا. ھن کي ڏسندي ۽ ٻڌندي لڳندو هو تہ ھن ۾ تہ سنڌو درياءَ پاڻ ئي ڳالهائي رهيو آهي ۽ پنهنجي حقن جو ڪيس پاڻ ئي وڙهي رهيو آھي. ڪجھ سال اڳ آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان، ڪراچي ۾، اي اين جي عباسي واري پاڻي رپورٽ جي افتتاحي تقريب ۾، ھن جا چيل لفظ مونکي اڄ بہ چڱي طرح سان ياد آھن. ھن پنھنجي تقرير ۾ چيو ھو: ”منھنجي ڌرتي مظلوم آھي، بي سھاري ۽ ويچاري آھي. اسان جا حڪمران ڏاڍن آڏو ڪجھ بہ نٿا ڪڇن. جيڪڏھن مان بہ ھن جو ڪيس وڙھي نہ سگھيس تہ مون تي حيف (اصل لفظ ٻيو آھي، ھت لکڻ مناسب نٿو سمجھان) آھي.“ مون ڏٺو تہ ھن جي اکين ۾ ڳوڙھا ھئا. 22 ڊسمبر، 2025ع تي، ڪراچي ۾، سندس جي وفات سان سنڌ هڪ سگھاري آواز، هڪ مضبوط دليل ۽ هڪ ايماندار وڪيل کان محروم ٿي وئي آھي پر، ھو اسان جي دلين، پنھنجين لکڻين، پنھنجن ڪتابن، پنهنجي جدوجهد ۽ پنهنجي پاڻي ڪيس واري مثال ۾ سدائين زنده رھندو. ايندڙ ٽھي جڏهن بہ سنڌ جي پاڻيءَ جي ڪيس جي تاريخ پڙهندي ۽ وڙھندي تہ ھن کي محمد ادريس راجپوت جو نالو هڪ باشعور، ھڪ بااصول ڪاموري ۽ ھڪ بهادر فڪري سپاهي طور ضرور ياد ايندو. ادريس راجپوت ھڪ اھڙو سھڻو ماڻهو ھو جيڪو سنڌ ۾ پيدا نہ ٿيڻ جي باوجود بہ سنڌ جو هو ۽ سنڌي رھيو.