| محمد حسين پي ٽي آءِ جو ڪارڪن هو: ڪي پي حڪومت جي تصديق |
اسلام آباد (م ڊ) ڪي پي حڪومت جي ترجمان ۽ اطلاعات واري صلاحڪار شفيع جان چيو آهي ته راولپنڊي ۾ مارجي ويل محمد حسين جو تعلق خيبر سان آهي هو ايم پي اي عبدالولي جي تڪ سان واسطو رکي ٿو. هو اسان جو ڪارڪن هو، جلسن ۾ شرڪت ڪئي هوندي پر کيس ڪو عهدو نه ڏنو ويو هو. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته هن واقعي ۾ اهلڪارجي زخمي ٿيڻ جي مذمت ڪريون ٿا اهڙن واقعن سان اسان جو تعلق ناهي. جاچ کان اڳ واقعي کي پي ٽي آءِ سان واڳيو ويو آهي. ٻڌايو 9 مئي سان اسان کي ڪهڙو فائدو ٿيو اسان جو باني ۽ سموري قيادت 27 هزار ڪارڪن جيل ۾ آهي فائدو ته ن ليگ کي ٿيو.