| محمد صلاح ميسي ۽ رونالڊو کان به اڳتي، تيز ترين 100 گول ڪري ويو |
لنڊن (اسپورٽس نيوز) مصري فٽبال اسٽار محمد صلاح پنهنجي شاندار ڪيريئر ۾ هڪ تاريخي سنگ ميل تائين پهچڻ لاءِ ليونل ميسي ۽ ڪرسٽيانو رونالڊو کي پوئتي ڇڏي ڏنو آهي. هن 2025ع جي آفريڪا ڪپ آف نيشنز جي ڪوارٽر فائنل ۾ آئيوري ڪوسٽ خلاف هڪ اهم گول ڪيو، جنهن سان مصر لاءِ سندس ڪل گول 100 ٿي ويا. هن مصر لاءِ 111 بين الاقوامي ميچن ۾ هي سنگ ميل حاصل ڪيو، ليونل ميسي 122 ميچن ۾ ۽ ڪرسٽيانو رونالڊو 136 ميچن ۾ پنهنجي ملڪ لاءِ 100 گول ڪيا هئا.