اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) نگران وفاقي ڪابينا لاءِ مشاورت مڪمل ڪئي وئي آهي، جنهن بعد نالا فائنل ٿي ويا آهن، اڄ شام تائين حلف کڻڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي
دفاعي تجزئي نگار ڊاڪٽر سيد محمد علي کي نگران وزير اطلاعات بڻائڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته اسٽيٽ بينڪ جي اڳوڻي گورنر شمشاد اختر کي ناڻي وزارت جو قلمدان ڏنو پيو وڃي
اڳوڻي سفير جليل عباس جيلاني کي نگران پرڏيهي وزير جڏهن ته اڳوڻو گهرو وزير ۽ سينيٽر سرفراز بگٽي کي نگران گهرو وزير مقرر ڪرڻ جو امڪان آهي
ذريعن موجب سينيئر صحافي مرتضيٰ سولنگي کي به ڪابينا ۾ شامل ڪيو پيو وڃي، نگران ناڻي وزير لاءِ سلطان علي الانا جو نالو فائنل ڪيو ويو هو پر ٻٽي شهريت جي ڪري سندس نالي تي مشاورت نه ڪئي وئي
نگران ڪابينا جو اڄ اعلان ٿيڻ جو امڪان آهي جنهن بعد شام تائين ڪابينا ميمبر حلف کڻي سگهن ٿا