لکڻ، هڪ تخليقي عمل سان گڏ هڪ مشق به آهي. ڪنهن به ليکڪ جا لکڻ پٺيان مختلف محرڪ ٿين ٿا. ڪي ليکڪ لکندا آهن، پنهنجي اندر جي اطمينان، تشفي توڙي احساسن ۽ اڌمن جي اظهار لاءِ، ڪي لکندا آهن لکڻين جو انگ وڌائڻ لاءِ ته ڪن لاءِ وري لکڻ عادت بڻجي ويندو آهي. هڪڙا ليکڪ لکڻ کي فرض سمجهي لکندا آهن ۽ ٻيا قرض سمجهي. لکڻ رڳو اکرن ۽ لفظن جي هجوم جو نالو به ناهي، لکڻ اهو ئي ڪارائتو آهي جنهن ۾ ليکڪ جي جگر جو خون به شامل هجي. شاعري هجي يا نثر، ڪنهن به ليکڪ جو اصل هنر ۽ آرٽ ان جي بي ساختگيءَ مان بَکندو آهي. اها بيساختگي تڏهن ئي پيدا ٿيندي آهي، جڏهن لکڻ هڪ ليکڪ جي مجبوري بڻجڻ بدران خواهش بڻجندو آهي.
ادب جو بنيادي مقصد انساني جذبن ۽ احساسن ۾ تحرڪ پيدا توڙي خوشي ۽ انبساط پيدا ڪرڻ آهي. ادب انساني حِسُن کي جمالياتي لطافت پهچائڻ جو ذريعو پڻ آهي. خاص طور شاعريءَ وسيلي هڪ ليکڪ / شاعر اهي سونهن جا رنگ پکيڙيندو آهي، جن کي پَسي نه رڳو ليکڪَ پر سندس پڙهندڙن ۽ ٻڌندڙن کي به هڪ اندروني اطمينان محسوس ٿيندو آهي. هڪ ليکڪ وٽ لکڻ لاءِ هزارين موضوع هوندا آهن. دنيا جي ٻين ٻولين جيان سنڌي ٻوليءَ ۾ به ڪيترائي ليکڪ ملندا، جن مان هڪڙا ليکڪ بڻجڻ جي خواهش لاءِ لکندا آهن ۽ ٻين لاءِ لکڻ ئي سندن سڃاڻپ هوندو آهي، يعني هو اول آخر ليکڪ هوندا آهن. اسان جو ناميارو ليکڪ دوست محمد علي پٺاڻ اهو ليکڪ آهي جنهن لکڻ کي ئي پنهنجي سڃاڻپ بڻايو آهي ۽ هو هڪ ڪُل وقتي ليکڪ طور سڃاتو وڃي ٿو. مون محسوس ڪيو آهي ته هو هڪ بيچين روح آهي، جنهن کي سدائين تڪڙ هوندي آهي، لکڻ جي تڪڙ، ڇپائڻ جي تڪڙ، لکرائڻ جي تڪڙ. پاڻ استاد بخاريءَ جي ان شعر جو عملي نمونو آهي، جيڪو اڪثر پاڻ ئي ٻڌائيندو آهي:
نه ويٺي بَهاري نه بيٺي مزو
وتي ٿو بخاري هتو ۽ تتو
ان تڪڙ جي ڪري ئي هن وقت تائين محمد علي پٺاڻ جا چاليهارو ڪتابَ ڇپجي پڌرا ٿي سگهيا آهن. مان جيترو سست آهيان هو اوتروئي ڦڙت ۽ تڪڙو. مان هڪڙو ڪتاب ڇپائڻ لاءِ به سئو ڀيرا سوچيندس ۽ ايتري ۾ محمد علي جا پنج ڪتابَ اچي ويندا. مان سمجهان ٿو ته هو سٺو ٿو ڪري، زندگيءَ تي ڪو ڀروسو ناهي، ۽ هڪ ليکڪ جون لکڻيون سندس ذاتي جاگير آهن ئي ڪونه، اهي ته پڙهندڙن جي امانت آهن، ان ڪري انهن کي جيترو جلد ٿي سگهي ته پڙهندڙن جي هٿن تائين ضرور پهچائڻ کپي ۽ محمد علي پٺاڻ اهو ڪم خاص طور گذريل هڪ ڏهاڪي کان تمام تيزيءَ سان ڪري رهيو آهي. هن ايترو ته گهڻو، گهڻ رخو ۽ گهڻ صنفو لکيو آهي، جو هن وٽ ڇپائڻ لاءِ مواد جي ڪا کوٽ ئي ناهي. ائين به ناهي ته هن جيڪو ڪجهه لکيو آهي، رڳو اهو ئي ڇپائي رهيو آهي پر هو روزانو جي بنياد تي مسلسل لکندو به رهي ٿو، تنهن ڪري سندس گنج ۾ ڪا ڪمي ئي ناهي. هو ساميءَ وانگر رڳو مَٽَ ڪونه پيو ڀري، پر پنهنجي تخليق ۽ تحرير جا مٽَ اپٽي به ٿو.
محمد علي پٺاڻ جي پهرين ۽ بنيادي سڃاڻپ هڪ شاعر واري آهي ۽ شاعريءَ ۾ به سندس پهريون تعارف هڪ نثري نظم جي شاعر وارو آهي، ڇوته هن جو پهريون شعري ڳٽڪو ”اکيون آلا چنڊ“ جي نالي سان به سندس نثري نظمن تي مشتمل هو، جيڪو 1988ع ۾ ڇپيو هو ۽ مون ڪاليج ۾ پڙهڻ دوران پڙهيو هو. نثر ۾ مون سڀ کان پهريان هن جا ڪالم پڙهيا هئا، جيڪي شايد روزاني ”هلال پاڪستان“ ۾ شايع ٿيندا هئا. پوءِ ڪهاڻيون، ڊراما، ناول، سفرناما، مضمون، مهاڳ، تبصرا ۽ الائي ڇاڇا. ائين محمد علي پٺاڻ جو نالو هڪ مسلسل لکندڙ ۽ ڇپجندڙ ليکڪ طور سنڌي ادب ۾ مشهور ٿي ويو.
استاد بخاريءَ چيو آهي ته:
لکڻ زندگي، زندگي ڪيئن ڇڏجي
پڙهڻ بندگي، بندگي ڪيئن ڇڏجي
ڏکئي کان ڏکيو عشق اکرن جو آ،
رکي دوستي، دوستي ڪيئن ڇڏجي؟.
محمد علي پٺاڻ به استاد جي انهيءَ چار سٽي وانگر لکڻ کي زندگي بڻائي ڇڏيو آهي ۽ اکرن سان اهڙو ته عشق لڳي ويو اٿس جو هاڻي انهن جي دوستي اٽوٽ ٿي وئي آهي. سندس ڪتاب ”چوڏهينءَ چندَ ۽ چارا“ پڻ انهيءَ دوستيءَ جو ثبوت آهي. ھن ڪتاب ۾ محمد علي جا مختلف ڪتابن تي لکيل مهاڳ ۽ تبصرا شامل آهن. ڪتابَ جي پهرين حصي ۾ ڇهه مهاڳ آهن، جن مان پهريون مهاڳ ”سنڌي ڪهاڻين جو نئون کڙائون سونو نَڪُ“ نامياري ڪهاڻيڪار بادل جمالي جي پنجين ڪهاڻي ڪتابَ ”آخري واردات“ تي لکيل آهي. هن مهاڳ ۾ محمد علي پٺاڻ ڪتاب ۾ شامل هڪ هڪ ڪهاڻيءَ تي تبصرو ۽ تجزيو ڪيو آهي.
هن ڪتاب جو چوٿون مهاڳ ”دادلي زهراڻيءَ جي ترجمو ٿيل شاعري“ دادلي زهراڻي جي ڪتاب تي لکيل آهي، جيڪو هن جي انگريزيءَ ۾ لکيل شاعريءَ جي ترجمي تي مشتمل آهي. دادلو زهراڻي نثر ۾ افسانوي ادب ۽ نظم ۾ شاعريءَ جي الڳ الڳ صنفن تي لکيو آهي. هن کان اڳ هن جو هڪ ناول ”دنيا دم درياهه“ ۽ انگريزي شاعريءَ جو ڪتاب “Thousands Colours of Love” پڻ ڇپجي چڪا آهن. محمد علي پٺاڻ سندس زير نظر ڪتاب جي مهاڳ ۾ لکيو آهي ته ”عالمي ٻوليءَ ۾ لکيل شاعريءَ جي ترجمو ڪيل هن سنڌي ڪتاب جو اڀياس ڪندي پهرين نظر شاعر جي شاعراڻي حسن، نفاست ۽ نزاڪت جو طواف ڪري ٿي، ته اندازو ٿِئي ٿو، ته هنَ ميدان ۾ هنَ اُهي سڀئي سازَ سُرندا پاڻ سان پَلَوَ ۾ ٻڌي آندا آهن ۽ هروڀرو پاڻ هُرِتِڙو ٿي ڪُڏِي ڪاهي نه آيو آهي، پر ڏاتِ جي وڏي پرواز واري ديويءَ هن کي کنڀي اُتي لاٿو آهي.“
هن ڪتاب جو آخري مهاڳ ”شاعريءَ جو نئون ديس ۽ رفيعه بخاري“ اڀرندڙ شاعره رفيعه بخاري جي انگريزي شاعريءَ واري ڪتاب The painful Payment جي سنڌي ترجمي واري ڪتاب ”پينگهو“ تي لکيل آهي. اهو ڪتاب نامياري اديب سڪندر عباسي جو ترجمو ڪيل آهي. هن مهاڳ ۾ محمد علي پٺاڻ پهريان رفيعه بخاري جي لکڻ ڏانهن راغب ٿيڻ جي ڪهاڻي ٻڌائي آهي، اهو سڄو پس منظر بيان ڪرڻ بعد هن ڪتاب جي مختلف نظمن ۽ ترجمي جي معيار تي روشني وڌي آهي. هڪ جاءِ تي هن، رفيعه بخاريءَ جي شاعريءَ تي راءِ ڏيندي لکيو آهي: ”هي شاعري موضوعن، بيان، منظر نگاريءَ ۾ ته غير روايتي آهي، پر احساسن جي اُڻت ۾ به ان جو روپ سروپ جُدارو آهي. ان ۾ ڪنهن ٻئي جي خيالن جي آميزش نه آهي. هي نِجُ پِجُ هن جي پنهنجي دماغ جي وسعتن مان پاڻ مرادو پيدا ٿي پيل آهي. جنهن ۾ جيڏي سادگي آهي، اوڏي فڪري گَهرائي آهي. هوءَ شعر ٺاهي نه ٿي، پر اهي خود بخود ٺهي پوندڙ آهن.“ محمد علي، سڪندر عباسي جي ترجمي جي به ساراهه ڪئي آهي ۽ لکيو آهي ته ”سندس ترجمي وارو فن مونکي گهڻو وڻيو. انڪري به ته هن ڀيڻ رفيعه بخاري جي شاعريءَ ۾ پيش ڪيل احساسن کي ان جي روح مطابق برقرار رکي ٻي ٻوليءَ ۾ منتقل ڪيو.“ محمد علي پٺاڻ هن ڪتاب جو مهاڳ لکندي شاعره جي مختلف نظمن ”پينگهو“، ”هر ڀيڻ جي خواهش“، ”ميڻ بتي بڻجو“ وغيره جي موضوعن توڙي ڊڪشن تي پنهنجي شاعراڻي ٻوليءَ ۾ روشني وڌي آهي ۽ لکيو آهي ته ”هن ڪتاب جي ورق ورق جي زينت بڻيل نظمن ۾ ڏک، ڳوڙها، انساني الميا، ڪاوڙ، طبقاتي سماج جا ناسور، ماڻهوءَ جو ماڻهوءَ کان ڌارَ ٿيڻ، هميشه لاءِ وڇڙي وڃڻ، آمهون سامهون هوندي سڃاڻ کان انڪار جا تڪليفده لمحا ساهه ۽ پَساهه جو درجو رکندڙ آهن.“
محمد علي پٺاڻ جي هن ڪتاب ”چوڏهينءَ چندَ ۽ چارا“ جي ٻئي حصي ۾ پنج تبصرا شامل آهن. جن مان ٽي تبصرا نامور ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار منظور ڪوهيار جي ٻن ڪتابن ۽ هڪ ڪهاڻيءَ تي مشتمل آهن، پهريون تبصرو ئي منظور ڪوهيار جي ناول ”طريقت جو سج“ تي آهي. جنهن جو عنوان آهي ”منظور ڪوهيار جي ناول ”طريقت جو سج“ ۾ قلندر شهباز ۽ ان جِي طريقتي تحريڪ“. هو لکي ٿو ته ”قلندر شهباز، جنهن جي زندگيءَ کي ان جي دور ۾ تلاشيندي ڪيترن ئي تاريخدانن ۽ محققن مونجهارن مٿان مونجهارن کي پئي عيان ڪيو آهي. اهڙي گهاٽي جهنگ مان انتهائي روشن خياليءَ واري عقل ريزيءَ سان قلندر شهباز جي حقيقي زندگيءَ ۽ سندس فڪري تحريڪ جو رستو ڳولي، ان مان ڪنڊا ۽ ڪک پن هٽائي، اهو چِٽو ۽ صاف ڪري منظور ڪوهيار صاحب تيرهين صديءَ ۾ ان جي پيرن ۽ فِڪر کي ڊجيٽلائيزڊ انداز ۾ ظاهر ڪري ڪمال ڪاريگريءَ ۽ تمام گهڻي نقش نگاريءَ سان ناول جي روپ ۾ سنڌي ادب جي پڙهندڙن اڳيان آڻي بيهاريو آهي.“ اهڙي طرح هن ڪتاب جو ٻيو تبصرو به ساڳي ليکڪ جي ڪهاڻي ڪتاب ”گهر ۽ گراموفون“ تي ”منظور ڪوهيار ۽ سندس نئون ڇپيل ڪهاڻي ڪتاب ”گَهرُ ۽ گراموفون“ عنوان سان موجود آهي. ڪتاب جي ٽائيٽل اسٽوري بابت محمد علي پٺاڻ جي راءِ آهي ته ”هي بظاهر ته هڪ گهر ۽ ان جي فرد جي ڪهاڻي آهي. پر ان ۾ زندگيءَ جي ڏکن سُکن جا رنگَ رلائي ليکڪ جنهن نموني پيش ڪئي آهي. ان جي هڪ هڪ سِٽَ، هڪ هڪ منظر، احساس ساهه کڻندي محسوس ٿِئي ٿو.“
محمد علي، ڪوهيار جي ڪتاب ۾ شامل ارڙنهن ئي ڪهاڻين تي دل سان تبصرو ڪندي ڪهاڻين توڙي ڪهاڻيڪار لاءِ ساراهه جا ڍُڪَ ڀريا آهن. منظور ڪوهيار بيشڪ هڪ سينئر ۽ پختو ڪهاڻيڪار آهي، هو ڪهاڻي لکڻ جي مختلف ٽيڪنڪس جو ڄاڻو آهي، تنهن ڪري ڪهاڻي لکندي هميشه نوان تجربا پڻ ڪندو رهندو آهي. محمد علي پٺاڻ درست لکيو آهي ته، ”منظور ڪوهيار صاحب ڪهاڻين يا ناولن ۾ ڪٿي به نه موضوعن جي هڪ جهڙائي رکي آهي، نه پيشڪش جو انداز ساڳيو. ويندي انهن جي ٻولي، ڪردار نگاري، چوڻين ۽ پهاڪن جو استعمال، ڊائلاگ ڊليوري سموري ادبي سفر ۾ الڳ ٿلڳ رکي آهي.“ اڳتي هلي لکي ٿو ته ”يگاني سوچ وارو هي ليکڪ ٻين ليکڪن جيان پنهنجي هر لکڻيءَ تي، ان جي سرجڻ مھل پنجن ئي حواسن کي مرڪوز ڪندو آهي ۽ ڇهين حواس کان ڪڏهن ڪڏهن مدد طلبيندو آهي، پر هي لفظن جي وهڪري ۾ هر هنڌ ڇهين حواس کي ساهه ۾ سانڍي هلندو آهي…. هن اسان جي پڙهندڙ کي سنڌي ڪهاڻيءَ جو آب تاب موٽائي ڏنو آ.“ اهڙي ريت منظور ڪوهيار جي ٽيهارو سال اڳ لکيل ڪهاڻي ”ساڌ“ بابت محمد علي پٺاڻ ”منظور ڪوهيار جي ڪهاڻي”ساڌ“ جو اڀياس“ عنوان سان تفصيلي مضمون لکيو آهي، جنهن ۾ هن ڪهاڻيءَ جي مختلف مرحلن ۽ موڙن تي روشني وجهندي سٺن لفظن ۾ ڪهاڻيءَ جو تت ڪڍي ڏنو آهي. آخر ۾ هو لکي ٿو ته ”پيغام ڪهاڻيءَ جي قد کي گهڻو بلند ڪري ڪلاسيڪيت ۽ لافانيت جي درجي تي رسائي اسان جي سنڌي ڪهاڻيءَ جي تاريخ کي دنيا ڀر جي اعليٰ فڪشن ۾ برابري جو مستحق بڻائي منفرد انداز ۾ نشانبر ڪري ٿو.“
ڪتاب جي ٻئي حصي ۾ موجود چوٿون تبصرو خوبصورت ڪهاڻيڪار انور شيخ جي لکيل پهرين ناول ”اڻ سڃاتل“ بابت ”تبديلي پسندن جو ناول ”اڻ سڃاتل“ جي عنوان سان شامل آهي. جنهن تي محمد علي پٺاڻ دل کولي تبصرو ڪيو آهي. هو لکي ٿو ته ”ناول ۾ سنڌ جي ان نقشي کي ظاهر ڪيو ويو آهي، جنهن کان سٻاجهائپ، مهمان نوازي ۽ انسان دوستيءَ جي ”اڍائي گهرن جي خير“ وارا حوالا کسيا ويا آهن ۽ انهن جي جاءِ تي بدبودار، خونخوار وڏيرڪي ۽ جاگيرداراڻي نظام سان گڏوگڏ هٿ ٺوڪيي سرداري نظام کي اهڙيءَ طرح مڙهيو ۽ مقرر ڪيو ويو آهي، جو ڪيڏو به لڇجي ۽ تڙپجي ٿو، پر ان جي خاتمي جو ڪٿان به ڪو دنگو يا سراغ نظر نٿو اچي.“ انور شيخ جي ناول جي ارڏن ۽ تبديلي پسند ڪردارن جي ساراهه ڪندي محمد علي هن ناول کي سنڌ جو ڪيڏاو سڏي ٿو ۽ لکي ٿو ته ”هي ناول، جنهن کي مان سنڌ جي موجوده وقت جو “ڪيڏارو” چوان ته وڌاءُ نه ٿيندو. ڇو ته انور شيخ هن ۾ ”هڻڻ، هڪلڻ ۽ ٻيلي سارڻ“ واري سُچيتائپَ کي شروع کان آخر تائين سموهڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي ۽ ”ڪانهي ڪا تاريخ ۾، ويڙهه بنا ٻي واههَ“ واري جرئتمنديءَ واري واضح واٽ کي به ناول ۾ وک وک تي ظاهر ڪيو آهي.“
محمد علي پٺاڻ جي هن ڪتاب جو آخري تبصرو نامياري ليکڪ پروفيسر مختيار سمي جي برطانيه ۽ يورپ جي يونيورسٽن متعلق لکيل ڪتاب ”دنيا جون درسگاهون“ بابت آهي. هي هڪ مختصر تبصرو آهي، جنهن ۾ محمد علي ٻڌايو آهي ته پروفيسر مختيار سمي کي اهو ڪتاب لکڻ جو خيال ڪيئن آيو ۽ ان ڪتاب ۾ ڪهڙين ڪهڙين يونيورسٽين جو ذڪر آهي. محمد علي لکي ٿو ته ”ليکڪ برطانيه جي يونيورسٽين ۽ يورپ جي يونيورسٽين جو سنڌ جي پڙهندڙن ۽ خاص طور تي سنڌي شاگردن لاءِ نه رڳو تفصيل سان تعارف پيش ڪيو آهي، پر انهن ۾ پڙهائجندڙ مختلف علمن جي آگاهي به ڏني آهي.“
محمد علي پٺاڻ جو هي ڪتاب ”چوڏهينءَ چندَ ۽ چارا“ سنڌي ٻوليءَ ۾ تجزيي، تبصري ۽ اڀياس جي زمري ۾ ايندڙ ڪتابن ۾ هڪ سٺو اضافو آهي، جنهن ۾ هن ڪيترن ئي ڪتابن جي چڱي نموني اُکيل ڪئي آهي، هن ڪتاب کي پڙهندي اسان کي محمد علي پٺاڻ جي تجزيي ۽ اڀياس واري ڏانءَ جي ته خبر پوي ٿي پر ڪيترن ئي ڪتابن بابت هڪ ئي وقت ڄاڻ به ملي ٿي. شال اسان جي مانائتي دوست ۽ سنڌي ٻولي جي نامياري ليکڪ محمد علي پٺاڻ جِي پنهنجي قلم سان ڪميٽمينٽ ائين ئي جاري ۽ ساري رهي ۽ سندس لکڻ جو تسلسل قائم ۽ دائم رهي.