| محمد نبي مستفيض الرحمان بابت پڇيل سوال تي آپي مان نڪري ويو |
ڍاڪا (اسپورٽس نيوز) افغانستان جو اڳوڻو ڪپتان ۽ سينيئر ڪرڪيٽر محمد نبي بنگلاديشي فاسٽ بالر مستفيض الرحمان بابت پڇيل سوال تي آپي مان نڪري ويو.بنگلاديش پريميئر ليگ (بي پي ايل) ۾ ميچ کان پوءِ پريس ڪانفرنس دوران محمد نبي مستفيض کي ڀارت طرفان آءِ پي ايل مان ڪڍڻ بابت سوال تي ڪاوڙجي پيو.محمد نبي سوال جو جواب ڏيڻ بدران چيو ته ”منهنجو ان معاملي سان ڪهڙو واسطو آهي؟ سياست ۾ منهنجو ڪهڙو ڪم آهي؟“افغان آل رائونڊر صحافي جي سوال کي گول مول ڪندي مستفيض کي سٺو بالر قرار ڏنو