| مخالف ڌر جي هنگامي دوران 27هين آئيني ترميم سينيٽ مان ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان منظور: 2 اپوزيشن ميمبرن پاران حمايت |
اسلام آباد(رپورٽ: ايم بي سومرو) حڪومت سينيٽ مان 27 هين آئيني ترميم جو بل ٻه ڀاڳي ٽي جي اڪثريت منظور ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي. جي يو آءِ جي احمد خان، ۽ پي ٽي آءِ جي سيف الله ابڙي پارٽي پاليسي جي خلاف آئيني ترميم جي حق ۾ ووٽ ڏئي حڪومت جا کٽل ٻه ووٽ پورا ڪري آئيني ترميم جي منظوري جي راھ هموار ڪئي، مخالف ڌر پاران آئيني ترميم جو ڪاپيون ڦاڙي احتجاج ، سينٽ چيئرمين جي ڊائيس جو گهيرو، جمهوريت جو جنازو نڪري ويو جا نعرا هنيا، آئيني ترميم جي حق ۾ 64 ووٽ پيا. سينيٽر اسحاق ڊار چيو ته هي تاريخي بل هيو، هي ميثاق جمهوريت جو نامڪمل ايجنڊا هيو. آئيني عدالت جي جوڙجڪ اهم معاملو هيو، ميثاق جمهوريت تي تمام جماعتون آن بورڊ هيون. 23 سالن کان هي محسوس ٿي رهيو هو ته بيلنس ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته فيلڊ مارشل جو عهدو رولز ۾ ته هو پر آئين ۾ نه هو، اُنڪري آئين ۾ ترميم ڪري سمورن فورسز لاءِ فائيو اسٽارز جو هڪ هڪ اسپيس آئين ۾ شامل ڪيو ويو آهي، ڀارت کي جنگ ۾ بدترين شڪست ڏيڻ تي سموري قوم آرمي چيف کي هيرو قرار ڏنو هو، اسحاق ڊار چيو آهي ته آئيني عدالت ٺهڻ سان سائلن جي سٺي نموني دادرسي ٿيندي، چيف جسٽس سوڌو سمورن ججز جي سينيارٽي برقرار رهندي، ڪنهن به جج جي سينيارٽي متاثر نه ٿيندي، عدالتي نظام ۾ بهتري لاءِ آئيني ترميم آندي آهي. سينيٽ جو اجلاس سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلانيءَ جي صدارت هيٺ ٿيو. سينيٽ ۾ 27 هين آئيني ترميمي بل 2025ع تي اسٽيڊنگ ڪاميٽي جي رپورٽ سينيٽر فاروق نائڪ پيش ڪئي. سينيٽر فاروق نائڪ ڪاميٽي ۾ ٿيل ترميمن بابت تفصيل ٻڌائيندي چيو ته آئيني ترميمي بل ۾ ڪافي تبديليون ٿيون آهن، ڪاميٽي وفاقي آئيني عدالت ٺاهڻ جي منظوري ڏني آهي، جيڪا آئيني عدالت ٺهندي اُن ۾ سمورن صوبن جي هڪ جيتري نمائندگي هوندي. ڪاميٽي تجويز ڏني آهي ته هاءِ ڪورٽ جي جج کي 7 بجاءِ 5 سال مدت ملازمت رکندڙ جج کي آئيني عدالت جو جج مقرر ڪيو ويندو. ڪاميٽي سفارش ڪئي ته اسپيڪر جوڊيشل ڪميشن لاءِ ميمبر نامزد ڪندو، هو عورت يا غير مسلم ٽيڪنوڪريٽ کي نامزد ڪري سگهي ٿو. ڪاميٽي هڪ ٽيڪنوڪريٽ کي شامل ڪيو آهي. پاڻمرادو نوٽيس وارو اختيار برقرار رکيو ويو آهي جن کي آئيني عدالت جڏهن ڪو درخواست ڏيندو آئيني عدالت سمجهندي ته هي ضروري آهي ته ٻڌي سگهبو، ڪاميٽي هي شق شامل ڪئي آهي ته هڪ سال ۾ ڪيس جو فيصلو نه ٿيو ته اسٽي ختم ٿي ويندو. ججن جي ٽرانسفر تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. ڪاميٽي ججن جي بدلي جو طريقيڪار تبديل ڪيو آهي. جوڊيشل ڪميشن آف پاڪستان جي ذريعي ججن جي بدلي ٿيندي. انڪاري جج پاڻمرادو رٽائرڊ نه ٿيندو. جيڪڏهن ڪو جج انڪار ڪري ٿو ته ان خلاف ريفرنس داخل ٿيندو ته جيئن انڪار جا ڪارڻ ٻڌائي سگهي. جائز ڪارڻ نه ٻڌائي سگهيو ته رٽائرڊ تصور ٿيندو. هن چيو ته صدر کي تاحيات ڇوٽ ڏيڻ جي شق ۾ ترميم ڪئي وئي آهي. جيڪڏهن هو پبلڪ آفيس هولڊر ٿئي ٿو ته ڇوٽ نه هوندي. پبلڪ آفيس ختم ٿيڻ بعد ڇوٽ ٻيهر حاصل هوندو. اِن دوران پي ٽي آءِ ميمبرن ايوان ۾ شيم شيم جي زوردار نعريبازي ڪئي. سينيٽ ۾ 27هين آئيني ترميم بل 2025ع جي شق وار منظوري واري وارو عمل شروع ڪيو ويو، شق واري منظوريءَ ۾ گهربل ووٽ 64 اچي ويا. ترميم جي حق ۾ ووٽ ڏيندڙ هائوس جي ميمبرن پنهنجي سيٽ تي بيهي حمايت ڪئي. پي ٽي آءِ جي سيف الله ابڙي ۽ جي يو آءِ جي احمد خان آئيني ترميم جي حق ۾ ووٽ ڏنو، جڏهن ته جي يو آءِ ۽ پي ٽي آءِ جا ٻيا ميمبر ڪجھه شقن جي منظوري بعد واڪ آئوٽ ڪري ويا، واڪ آئوٽ کان اڳ پي ٽي آءِ ميمبرن آئيني ترميم جون ڪاپيون ڦاڙي اڇلايون، سينيٽ چيئرمين جي ڊائيس جو گهيرو ڪيو ۽ جمهوريت جو جنازو نڪري ويو جا نعرا هنيا. سينيٽ اجلاس ۾ ڳالهائيندي سينيٽر فيصل سبزواري چيو ته دفاع پاڪستان جو مضبوط هجڻ لازمي آهي، متحده قومي موومينٽ بلدياتي چونڊن متعلق ترميم جمع ڪرائي آهي اِن ۾ اڃا به سڌارن جي گنجائش آهي. بااختيار بلدياتي نمائندن جو مطلب 18 هين ترميم کي رول بيڪ ڪرڻ ناهي. سينيٽر مولانا عطاءٌ الرحمان چيو ته اسان هن آئيني ترميم جي مسودي کي رد ڪريون ٿا. جي يو آءِ ڪنهن ترميم جو حصو نه ٿيندي. سينيٽر ايمل ولي خان ايوان ۾ ڳالهائيندي چيو ته هي اڪثريت جعلي هئي ۽ جعلي آهي. ماضي ۾ تمام گهڻا مشڪلا فيصلا ڪيا ويا. آئين جي حفاظت ۽ جمهوريت جي استحڪام لاءِ مضبوطيءَ سان بيٺل آهيون.
اسلام آباد: سينيٽ مان منظور 27 هين آئيني ترميم بل جي تفصيل مطابق آئين جي ٽيڪل 105 ۾ ترميم ڪي وئي آهي، گورنر صوبائي نگران ڪابينا جي جوڙجڪ آرٽيڪل 224 يا 224 اي تحت ڪندو. آئين جي آرٽيڪل 130 ۾ ترميم ڪئي وئي آهي جنهن تحت صوبائي ڪابينا جو انگ صوبائي اسيمبلي جي ڪل ميمبرن جي 15 سيڪڙو کان وڌيڪ نه ٿيندو، صوبائي مشيرن جو تعداد 5 مان وڌائي 7 ڪيو ويو آهي. سينيٽ وفاقي آئيني عدالت جو قيام متعلق ترميم منظور ڪري ورتي آهي. آرٽيڪل 175 اي ۾ ترميم ذريعي جوڊيشل ڪميشن ۾ تبديلي ڪئي وئي آهي. وفاق آئيني عدالت ۽ سپريم ڪورٽ جا چيف جسٽس ڪميشن جا ميمبر هوندا. وفاقي آئيني عدالت ۽ سپريم ڪورٽ جو هڪ هڪ سينيئر جج ڪميشن جو ميمبر هوندو، وفاقي آئيني عدالت ۽ سپريم ڪورٽ جا چيف جسٽس گڏيل نامزد ڪيل آئيني عدالت يا سپريم ڪورٽ جو جج ٻن سالن لاءِ ڪميشن جو ميمبر هوندو. ٻي صورت ۾ ٻئي چيف جسٽس نامزد ڪيل ججن جا نالا ڪميشن آڏو رکيا ويندا، جنهن ۾ اڪثريت راءِ سان فيصلو ڪيو ويندو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاران نامزد ڪيل عورت، غير مسلم يا ٽيڪنوڪريٽ ميمبر لاءِ ٻن سالن جو شرط ختم ڪيو ويو آهي، وفاقي آئيني عدالت ۽ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽسز مان سينيئر جج جوڊيشل ڪميشن جو سربراهه هوندو. بطور چيف جسٽس وفاقي آئيني عدالت يا سپريم ڪورٽ نامزد ٿيندڙ جج پاران انڪار تي اُن کي رٽائرڊ تصور ڪيو ويندو. وفاقي آئيني عدالت جو پهريون چيف جسٽس صدر ۽ وزيراعظم جي مشوري تي سپريم ڪورٽ جي ججز مان مقرر ٿيندو، وفاقي آئيني عدالت جي پهرين ججن جي مقرري به صدر وزيراعظم جي مشوري ۽ چيف جسٽس آئيني عدالت جي مشاورت سان ٿيندي. وفاقي آئيني عدالت جي چيف جسٽس جي مدت 3 سال، عمر جي حد 68 سال هوندي. وفاقي آئيني عدالت جي ججن جي عمر جي حد به 68 سال هوندي. اهڙي طرح آرٽيڪل 200 ۾ ترميم ذريعي هاءِ ڪورٽ جي ججن جي بدلي جو طريقيڪار تبديل ڪيو ويو آهي، هاءِ ڪورٽ جي ججن جي بدلي پاڪستان جو صدر، جوڊيشل ڪميشن جي سفارش تي ڪندو، بدليءَ لاءِ ٻنهي هاءِ ڪورٽن جا چيف جسٽس جوڊيشل ڪميشن جا ميمبر هوندا. آرٽيڪل 206 ۾ ترميم تحت سپريم ڪورٽ يا هاءِ ڪورٽ جي اُنهن ججن کي رٽائرڊ تصور ڪيو ويندو جيڪي وفاقي آئيني عدالت ۾ مقرري کان انڪار ڪندا. آرٽيڪل 239 ۾ ترميم تحت آئين ۾ ڪيل ڪنهن ترميم تي ڪنهن بنياد تي ڪنهن عدالت کي سوال اُٿارڻ جو اختيار نه هوندو. آرٽيڪل 248 ۾ ترميم تحت آئين ۾ صدر مملڪت ۽ گورنر کي تاحيات فوجداري ڪارروائي کان ڇوٽ حاصل هوندي، اڳوڻي صدر يا گورنر پاران پبلڪ هولڊ ڪرڻ تي ڇوٽ کي اُن عرصي لاءِ ختم تصور ڪيو ويندو. آرٽيڪل 243 ۾ ترميم تحت چيف آف آرمي اسٽاف هاڻي چيف آف ڊفينس فورسز به هوندو،27 نومبر کان چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪاميٽي جو عهدو ختم ٿي ويندو، وزيراعظم، آرمي چيف جي سفارش تي نيشل اسٽرٽيجڪ ڪمانڊ جي سربراهه جي مقرري ڪندو، نيشل اسٽرٽيجڪ ڪمانڊ جي ڪمانڊر جو تعلق پاڪ فوج مان هوندو، فيلڊ مارشل، مارشل آف ايئر فورس ۽ ايڊمرل آف فليٽ جو رينڪ، مراعتون ۽ وردي تاحيات رهنديون، فيلڊ مارشل، مارشل آف ايئر فورس ۽ ايڊمرل آف فليٽ کي آرٽيڪل 47 ۾ بيان ڪيل طريقيڪار کان سواءِ عهدي تان هٽائي نٿو سگهجي، آرٽيڪل 248 ۾ ڏنل ڇوٽ فيلڊ مارشل، مارشل آف ايئر فورس ۽ ايڊميرل آف فليٽ جي عهدن تي به لاڳو ٿيندي. فيلڊ مارشل، مارشل آف ايئر فورس يا ايڊمرل آف فليٽ جي ڪمانڊ جي خاتمي بعد قومي مفاد ۾ وفاقي حڪومت انهن جي نئين ذميوارين جو تعين ڪري سگهندي.