مخدوم امين فهيم جي اڄ ڏهين ورسي، مٽياري ضلعي ۾ عام موڪل

مخدوم امين فهيم جي اڄ ڏهين ورسي، مٽياري ضلعي ۾ عام موڪل

مٽياري/ھالا(نمائندن وٽان) پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽرين جي اڳوڻي صدر ۽ سروري جماعت جي اڳوڻي روحاني پيشوا مرحوم مخدوم محمد امين فھيم جي 10ھين ورسي نھايت عقيدت ۽ احترام سان سندس آخري آرام گاھه درگاھه حضرت غوث الحق مخدوم سرور نوح ۾ اڄ ملھائي ويندي، جتي سروري جماعت جي مريدن عقيدت مندن جي آمد جو سلسلو جاري آھي، ورسي جي موقعي تي درگاھه سرور نوح کي رنگ به رنگي بلبن سان سينگاريو ويو آھي، مخدوم ھائوس ھالا جي ترجمان موجب مخدوم امين فھيم جي ورسي جي موقعي تي سروري جماعت جو روحاني پيشوا پي پي ايم اين اي مخدوم جميل الزمان مزار تي پھچي گلن جي چادر چاڙھي دعا گھرندو ۽ آيل مريدن کي درشن پڻ ڪرائيندو،ھالا ميونسپل ڪاميٽي پاران ورسي جي موقعي تي شھر ۾ صفائي جا پڻ انتظام ڪيا ويا آھن ۽ پاڻي جا اسٽال پڻ قائم ڪيا ويا آھن، جڏھن ته آيل مھمانن لاءِ رھائش سميت لنگر جو پڻ بندوبست ڪيو ويو آھي. ٻئي پاسي مخدوم امين فهيم جي ورسي جي ڪري اڄ ضلعي مٽياري ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي، ڊپٽي ڪمشنر/ڪليڪٽر مٽياري محمد يوسف شيخ پاران هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته مخدوم امين فهيم جي 10 ورسيءَ جي موقعي تي ضلعي ۾ جمعي جي ڏهاڙي تي عام موڪل جو اعلان ڪجي ٿو، تمام سرڪاري ۽ نجي ادارا بند رهندا. ياد رهي پاڪستان پيپلزپارٽي ملڪ جي اڳواڻ سروري جماعت جي روحاني پيشوا مخدوم امين فهيم 10 سال هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو هو.. جنهن تي کيس خراج عقيدت ڪندي ضلعي انتظاميا پاران عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي.
 مخدوم امين فهيم سروري سلسلي جي روحاني ميراث ۽ ملڪي سياست ۾ بردباري جي علامت پڻ هو: مخدوم سعيد
 ڄامشورو(رپورٽر) مخدوم نوح سرور جي درگاهه جي پندرهين نمبر سجاده نشين، نامياري شاعر ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽرين جي صدر، مخدوم امين فهيم جي ورسي جي موقعي تي، سروري تنظيم جي باني چيئرمين، سروري سرهاڻ ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين مخدوم سعيد الزمان “عاطف” پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته مخدوم امين فهيم نه فقط سروري سلسلي جي روحاني ميراث جو درخشان ستارو هو، هو هڪ اهڙو اڳواڻ هو، جيڪو ڪڏهن به پنهنجي اصولن کان پٺتي نه هٽيو. هن چيو ته سروري سرهاڻ جماعت، مخدوم امين فهيم جي فڪر، اصولن ۽ روحاني خدمت جي روايت کي اڳتي وڌائڻ لاءِ پرعزم آهي.