| مخدوم سعيد الزمان جي شڪايتن بعد جميل الزمان فريال ٽالپر وٽ پهچي ويو |
ڪراچي/هالا(اسٽاف رپورٽر+ ن پ ا) سروري جماعت جي روحاني پيشوا ۽ پيپلزپارٽي جي ايم اين اي مخدوم جميل الزمان پاران ڪراچي ۾ پيپلزپارٽي ليڊيز ونگ جي مرڪزي صدر فريال ٽالپر سان ملاقات ڪئي وئي. ملاقات دوران ملڪي سياسي صورتحال خاص طور حيدرآباد ڊويزن ۽ مٽياري ضلعي جي سياسي صورتحال ۽ ترقياتي منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ٻِن ڪلاڪن تائين جاري رھي،ملاقات ۾ ملڪي سياسي صورتحال سميت خصوصي ضلعي مٽياري جي مسئلن بابت ڏي وٺ ڪئي وئي، اھم ذريعن موجب تقريبن 2 مھينا اڳ پيپلزپارٽي ليڊيزونگ جي مرڪزي صدر فريال ٽالپر سان سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين مخدوم سعيد الزمان ملاقات ڪري ضلعي مٽياري ڪائونسل بابت ڪيل شڪايتن تي پيپلزپارٽي اڳواڻ فريال ٽالپر ۽ مخدوم جميل الزمان وچ ۾ زرداري ھائوس ڪراچي ۾ ملاقات ٿئي آھي.