ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي) پي ٽي آئي اڳواڻ مخدوم فضل حسين جي ڀاءُ مخدوم غلام محي الدين پ پ ايم اين اي مخدوم جميل الزمان کان معافي وٺي ڇڏي
ترجمان مخدوم هائوس موجب مخدوم غلام محي الدين پنهنجي پٽ هالا ميونسپل ڪاميٽي جي اڳوڻي چيئرمين مخدوم عمار کي وٺي حيدرآباد ۾ مخدوم هائوس پهتو
سندس چوڻ هو ته مخدوم غلام محي الدين ۽ سندس پٽ مخدوم عمار پ پ ايم اين اي مخدوم جميل الزمان ۽ صوبائي وزير مخدوم محبوب الزمان سان ملاقات ڪئي
ملاقات دوران مخدوم عمار پنهنجي غلطين جي معافي گهري ۽ چيو ته مخدوم جميل الزمان منهنجو محسن ۽ روحاني پيشوا آهي
ترجمان موجب مخدوم جميل الزمان مخدوم عمار کي معاف ڪري ڇڏيو، واضح رهي ته مخدوم غلام محي الدين پي ٽي آئي اڳواڻ مخدوم فضل حسين جو ڀاءُ آهي
مخدوم غلام محي الدين پٽ سميت مخدوم هائوس سان گڏ رهيو ۽ بعد ۾ مخدوم هائوس کي ڇڏي پنهنجي ڀاءُ مخدوم فضل حسين سان گڏيو، تازو مڪاني چونڊن ۾ مخدوم عمار ڪائونسلري جي سيٽ تي بيٺو پر هارائي ويو
مخدوم فضل حسين ۽ سندس پٽ مخدوم محسن ۽ مخدوم عمار مخدوم هائوس تي سنگين الزام هنيا هئا، جنهن بعد مخدوم غلام محي الدين پٽ مخدوم عمار کي وٺي مخدوم هائوس پهتو ۽ مخدوم جميل الزمان کان معافي ورتي