ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي) ڪراچي جي ڪياماڙي پوليس مخدوم محسن کي گرفتار ڪرڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي، پنهنجي اخبار مخدوم محسن ۽ سندس والد مخدوم فضل حسين تي داخل ايف آئي آرز جون ڪاپيون هٿ ڪري ورتيون آهن
تفصيل موجب رات دير سان پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ مخدوم محسن کي ڪياماڙي پوليس سندن ڪراچي واري بنگلي تي ڇاپو هڻي گرفتار ڪيو هو جڏهن ته سوشل ميڊيا تي خبرون هلي رهيون هيون ته کيس ايف آءِ اي گرفتار ڪري کڻي وئي آهي
اڄ صبح ڪياماڙي پوليس مخدوم محسن کي گرفتار ڪرڻ جي تصديق ڪئي جڏهن ته پنهنجي اخبار مٿن داخل ايف آءِ آر هٿ ڪري ورتي آهي
پنهنجي اخبار کي هٿ آيل ايف آءِ آر ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ سندس والد تي منگھو پير ۽ ماڙي پور ٿاڻن تي ايف آئي آرون داخل ٿيل آهن جن ۾ مٿن قبضي جي ڪوشش، تشدد ۽ قتل جي ڌمڪين جا قلم شامل آهن
ماڙي پور ٿاڻي تي ايف آئي آر چوڪيدار هدايت الله داخل ڪرائي آهي جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته آئون اين سي 253 تي ڊيوٽي تي موجود هئس ته مخدوم فضل حسين ۽ مخدوم محسن 5 کان 6 هٿياربندن سان آيا ۽ مون کي گارگند ۽ ڌمڪيون ڏنيون ۽ پلاٽ تي قبضو ڪيو
منگھو پير ٿاڻي تي مير رحمان نالي شخص ايف آئي آر داخل ڪرائي آهي جنهن ۾ هن موقف اختيار ڪيو آهي ته آئون فلڪ ناز سوسائٽي ۾ سائيٽ انچارج آهيان، مخدوم محسن ۽ مخدوم فضل هٿياربندن سان اچي قبضي جي ڪوشش ڪئي منع ڪرڻ تي جان کان مارڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ۽ ڀڃ ڊاهه ڪئي، 50 ٻوريون سيمنٽ ۽ سريا زبردستي کڻي ويا