| مخدوم نوح جو عرس: پاڻ ۾ ٻڌي ۽ همدردي پيدا ڪريو: جميل الزمان |
ھالا(ن پ ا) بر صغير جي عظيم صوفي بزرگ ھستي غوث الحق حضرت مخدوم سرور نوح جي ڇهھ ماھي عرس مبارڪ جي موقعي تي سروري جماعت جو روحاني پيشوا پي پي ايم اين اي مخدوم جميل الزمان ۽ خوراڪ کاتي جو صوبائي وزير مخدوم محبوب الزمان درگاھ سرور نوح پھچي حضرت مخدوم سرور نوح جي مزار تي گلن جي چادر چاڙھي دعا گھرڻ بعد مخدوم جميل الزمان مريدن کي پيغام ڏيندي چيو ته حضرت مخدوم سرور نوح سدائين امن ۽ ڀائچاري جو پيغام ڏنو آھي،ھر مسلمان کي پنج وقت پابندي سان نماز پڙھڻ گھرجي اھيو ئي سرور نوح جو پيغام آھي،جتي به ھجو پاڻ ۾ ٻڌي ۽ ھڪ ٻئي سان ھمدردي پيدا ڪريو،ان موقعي تي ھالا ميونسپل ڪميٽي جو چيئرمين زوار گل محمد پھنور چيف خليفو سيد نورمحمد شاھ ۽ ٻيا ساڻس گڏ ھئا،پي پي ايم اين اي مخدوم جميل الزمان ۽ خوراڪ کاتي جي صوبائي وزير مخدوم محبوب الزمان جي اچڻ کان اڳ پوليس سيڪيورٽي جا انتظام انتھائي سخت ڪيا ويا جنھن ۾ 2 ڊي ايس پي ايز 6 ايس ايڇ اوز سميت 150 پوليس اھلڪار مقرر ڪيا ويا.