مخصوص سيٽون پي ٽي آءِ کي ڏيو، اليڪشن ڪميشن فيصلي تي عمل ڪري: 8 ججز جي ٻيهر وضاحت
آڪٽوبر 19, 2024
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) مخصوص سيٽون پي ٽي آءِ کي ڏنيون وڃن، اليڪشن ڪميشن فيصلي تي عمل ڪرڻ جي پابند آهي، مخصوص سيٽن جي ڪيس تي سپريم ڪورٽ جي اڪثريتي 8 ججز ٻيو ڀيرو وضاحت جاري ڪري ڇڏي
اليڪشن ڪميشن جي درخواست تي سپريم ڪورٽ مان ٻي وضاحت ڏني وئي آهي. اڪثريتي ججز موجب اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميم سان 12 جولاءِ جو فيصلو غير اثرائتو نٿو ٿي سگهي، اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميم ماضي کان لاڳو ٿيڻ کي جواز بڻائي فيصلو غير اثرائتو نٿو ٿي سگهي، تنهن ڪري مختصر حڪم نامي کانپوءِ اليڪشن ايڪٽ ۾ ڪئي ويندڙ ترميم جو ڪو اثر نه ٿيندو
اڪثريتي ججز جو چوڻ آهي ته مختصر حڪم نامي ۾ چونڊ ڪندڙن جي حق کي سياسي جماعتن ذريعي لاڳو ڪرڻ لاءِ رليف ڏنو، ڇو ته ڪميشن ۽ پي ٽي آءِ ٻنهي ٻي وضاحت طلب ڪئي آهي، اسان رڳو واضح ڪرڻ ۽ قانون جي چڱي ريت طئي ٿيل تشريح کي ورجائڻ چاهيون ٿا
اڪثريتي ججز موجب اليڪشن ايڪٽ ۾ ڪئي ويندڙ ترميمن جو اثر اسان جي فيصلي کي ماضي ۾ لاڳو ڪرڻ جي اجازت نٿو ڏئي، رابطي جو حق ان ڪري ڏنو هو ته مختصر حڪم نامي تي عملدرآمد ۾ ڪا پريشاني نه ٿئي، هاڻ تفصيلي فيصلو جاري ٿي چڪو آهي، تنهن ڪري هاڻ ڪنهن وضاحت جي ضرورت ناهي رهي
تفصيلي فيصلي ۾ سمورن قانوني ۽ آئيني نڪتن جو احاطو ڪيو ويو آهي. اڪثريتي ججز جو چوڻ آهي ته اسان تفصيلي ڪارڻ جاري ڪرڻ کان اڳ وضاحت جاري ڪري چڪا آهيون
مختصر حڪم نامي موجب جاري پهرين وضاحت کي به اسان جي تفصيلي سببن ۾ شامل ڪيو ويو هو، مختصر حڪم نامي ۾ وضاحت طلب ڪرڻ جو اختيار عبوري سهولت هئي، جيستائين تفصيلي سبب نه ڏنا وڃن، تفصيلي سبب اڳ ئي جاري ڪيا ويا آهن
ججز جو چوڻ آهي ته ڌرين طرفان اٿاريل سمورن قانوني ۽ آئيني معاملن کي گڏيل طور اڪلايو ويو آهي، جواب ڏنا ويا آهن، تنهن ڪري وڌيڪ ڪنهن وضاحت جي ضرورت ناهي، عدالت جو فيصلو آئين جي آرٽيڪل 189 تحت لازمي طور لاڳو آهي ۽ ان کي لاڳو ڪرڻ گهرجي