“مخصوص سيٽون ڏيو” ميرپورخاص ۾ مينگهواڙن جي ريلي مظاهرو

مَي 26, 2023

ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) ميرپورخاص ۾ پ پ قيادت خلاف مينگهواڙ برادري طرفان ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

ميرپورخاص جي ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن سيد خادم علي شاهه جي 11 يونين ڪاميٽين ۾ مخصوص سيٽون نه ملڻ خلاف ميگھواڙ برادري اسٽيشن چوڪ کان سٽي پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي

اڳواڻن جو چوڻ ھو ته ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن جي يارنهن يونين ڪاميٽين ۾ ميگھواڙ برادري جي وڏي اڪثريت آھي سدائين پ پ کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪرائيندا آھيون  پر مڪاني ادارن ۾ مخصوص سيٽون نه پيون ڏنيو وڃن جيڪا سراسر ناانصافي آهي

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته ميرپورخاص ۾ مينگهواڙ برادري سان ٿيندڙ ناانصافي جو پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري نوٽيس وٺي مخصوص سيٽون ڏياري

لاڳاپيل پوسٽون

  • پنو عاقل : حادثي دوران زخمي نينگري ايمبولنس نه ملڻ تي فوت

  • لاڙڪاڻو: نينگر رائيس ڪئنال ۾ ٻڏي فوت

  • خيرپور: ميرواهه ڪئنال مان هٿ آيل لاش جي سڃاڻپ

  • وياج جي شرح 11 سيڪڙو برقرار