| مخصوص ٽولو ننڍي چونڊ کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش پيو ڪري: اليڪشن ڪميشن پاران الزام رد |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن ننڍي چونڊ بابت الزامن کي رد ڪري ڇڏيو، چونڊ هارائڻ بعد الزام لڳائڻ افسوسناڪ قرار ڏنا ويا. اليڪشن ڪميشن جي ترجمان چيو آهي ته مخصوص ٽولو ننڍي چونڊ کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، اين اي 18 هري پور ۾ ڊي آر او ۽ آر او جي مقرري قانوني اختيار تحت ڪئي وئي، الزام بي بنياد ۽ حقيقت جي ابتڙ آهن، هن چيو ته تڪرارن جي حل لاءِ قانوني فورمز آهن، ميڊيا تي الزام لڳائڻ غلط عمل آهي، آر او درخواست نه وٺي ته ڌرين کي اليڪشن ڪميشن سان رجوع ڪرڻ گهرجي، ترجمان فارم 45 اڳ ئي تيار ٿيڻ جو به الزام به رد ڪري ڇڏيو. اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته ڪي پي ۾ ننڍي چونڊ دوران سڪيورٽي صوبائي حڪومت فراهمي ڪئي، هر چونڊ کانپوءِ هڪ جهڙا الزام ورجائڻ جو مقصد چونڊ عمل کي شڪي بڻائڻ آهي، پولنگ کان اڳ ڪنهن به جماعت آر اوز تي ۽ ڊي آر اوز تي اعتراض نه واريو هو، اليڪشن هارائڻ بعد الزام لڳائڻ افسوسناڪ عمل آهي.