مدئجي: زمين تي ويل نوجوان فائرنگ ۾ قتل: ڀاڳين چور ماريو آهي: پوليس

اپريل 4, 2025

مدئجي(ن پ ا) مدئجي ويجهو ڳاهيجا ٿاڻي جي حد پير جلال شاھه ڀرسان نامعلوم ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ 35ورهين جو درمحمد ولد عيوض معرفاڻي مارجي ويو، نوجوان جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو، اسپتال ۾ موجود نوجوان جي امڙ رحيمان معرفاڻي ٻڌايو ته منهنجو پٽ زمينن تي ترسيل هيو، جنهن صبح سوير فون ڪري چيو ته مون کي گولي لڳي آهي کڻي وڃو، واقعي واري هنڌ پهتاسين ته پٽ فوت ٿي ويو هو، اسان جي ڪنهن سان به دشمني ناهي، هوڏانهن ڳاهيجا ٿاڻي جي ايس ايچ او رحمت الله چاچڙ موجب جتن جي ڪڙي ۾ چوري دوران ڀاڳين جي گولي لڳڻ سبب چور مارجي ويو آھي. وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

 

Leave A Comment