مدئجي: قتل ڪيل چئن ڄڻن جا مڙهه مٽي ماءُ حوالي
جُون 18, 2025
مدئجي ( پنهنجي ڊيسڪ) مدئجي ڀرسان گوليون هڻي قتل ڪيل چئن ڄڻن جا مڙهه مٽي ماءُ حوالي ڪيا ويا، ڪلهوڙا – جوڻيجا تڪرار تان ڄڻن کي قتل ڪيو ويو هو،قتل ٿيلن ۾ اعتبار،رياض، معشوق ۽ ظهرو ڪلهوڙو شامل آهن،واقعي بعد ٻنهي ڌرين جا ماڻهو مورچا بند ٿي ويا آهن، جڏهن ته وڌيڪ خونريزي جو خدشو ٻڌايو پيو وڃي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس به داخل نه ٿي سگهيو آهي، واضح رهي ته تڪرار تان ٻنهي ڌرين جا 40 کان مٿي ماڻهو قتل ٿي چڪا آهن .