مدئجي(رپورٽر) مدئجي ويجهو ڪلهوڙا ۽ جوڻيجا تڪرار ۾ ٿيل فائرنگ جي هڪ وڌيڪ زخمي دم ڏئي ڇڏيو، جنهن بعد فوتين جو انگ وڌي 9 ٿي ويو آهي
مدئجي جي ڪچي جي علائقي ڄهٻر شيخ ٿاڻي جي حد ۾ هلندڙ ڪلهوڙا-جوڻيجا تڪرار تان فائرنگ ۾ زخمي ٿيل جوڻيجا ڌر جو غلام محمد عرف ڏاڏو جوڻيجو زخمن جا سور نه سهندي نجي اسپتال ۾ فوت تي ويو
زخمي ڏاڏو جوڻيجو نجي اسپتال ۾ زير علاج هو جتي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، فوتي جو مڙھ مدئجي اسپتال اندو ويو جتان ضروري ڪاروائي بعد مڙھ ايمبولينس ذريعي اباڻي ڳوٺ نيو ويو
ٻه ڏينهن اڳ جهيڙي ۾ 8 ڄڻا مارجي ويا هئا وڌيڪ هڪ ڄڻي جي فوت ٿيڻ بعد مارجي ويلن جو انگ 9 ٿي ويو
ياد رهي ته ٻنهي ڌرين جا جهيڙي ۾ ٽوٽل 29 ڄڻا مارجي چڪا آهن جنهن ۾ جوڻيجا ڌر جا 18 ۽ ڪلهوڙا ڌر جا 11 ڄڻا شامل آهن
جهيڙيندڙ ڌريون مورچابند بڻيل آهن جڏهن ته علائقي ۾ خوف حراس ڇانيل آهي