مدئجي ويجهو برادري سڱاوتي تڪرار ٻن عورتن جي حياتي کسي ورتي

جُون 3, 2023

مدئجي(ن پ و)مدئجي ويجهو جيها ۽ ڏاهاڻي بردارين ۾ هلندڙ سڱاوتي تڪرار ٻن عورتن جي حياتي کسي ورتي، عورتون لاش ڏسي اڀ ڏاريندڙ دانهون ۽ ماتم ڪنديون رهيون

 ڳوٺ پيارو ڏاهاڻي جي ڏاهاڻي برادري ۽ گهر پنهنجا جي رهواسي جيها برادري وچ ۾ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن جيها برداري جي گهرن تي حملو ڪري ڏنو

ٻنهي ڌرين جي فائرنگ دوران گوليون لڳڻ سبب ٻه عورتون مسمات وزيران ڌيءُ پيارو ڏاهاڻي ۽ مسمات جادي ڏاهاڻي ٿڏي تي ئي مارجي ويون

ٻن عورتن جا لاش ڏسڻ بعد گهرن ۾ روڄ راڙو پئجي ويو جڏهن ته وارث عورتون اڀ ڏاريندڙ دانهون ۽ ماتم ڪندي جوابدارن کي پٽون ۽ پاراتا ڏينديون رهيون

اطلاع ملڻ تي  پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺڻ بعد پوسٽ مارٽم لاءِ شڪارپور اسپتال کڻائي وئي

متاثر ڌر ڏاهاڻي برداري جو چوڻ هو ته گهرن ۾ ويٺل هياسين ته جيها برادري جي جوابدارن حملو ڪري هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا، جنهن ۾ ٻه عورتون مارجي ويون

Leave A Comment