| مدئجي: ٻن ڌرين ۾ 10 سالن کان هلندڙ تڪرار جو نبيرو:6 خون ثابت، 2 ڪروڙ، 20 لک ڏنڊ |
مدئجي (رپورٽ: سڪندر راھوجو) مدئجي ۾ککراڻي ابڙا برادريءَ جي ٻن ڌرين وچ ۾ 10 سالن کان هلندڙ زميني تڪرار تان قتل ٿيل 6ڄڻن ۽ 32 زخمين جو فيصلو چيف سردار ذوالفقار علي ڪماريو ابڙو جي سرپئنچي ۾ ڪماريا ھائوس ترائي ۾ڪيو ويو، ڌرين مٿان مجموعي طور 2 ڪروڙ، 21 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو، فيصلي ۾ معظم علي عباسي،نجف علي ڪماريو ابڙو،ڊاڪٽر محمد سليم خان ابڙو، غلام مصطفيٰ ککراڻي ابڙو، سردار ذوالفقار سيلرو ، صابر مير جيسر ابڙو، شڪيل خان وڌيو ،علي گل ککراڻي ابڙو، جاني خان ابڙو، ڌرين جي مشيرن طور شرڪت ڪئي.ڳالهيون ٻڌڻ بعد دوست محمد ککراڻي ابڙو جي ڌر جا3، قتل ۽ ٻين نياڻين سميت 20 ماڻهو زخمي ٿيڻ جا عبدالحميد ککراڻي ابڙو جي ڌر مٿان ثابت ٿيڻ تي 1، ڪروڙ 14، لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو، قتلن ۾ عبدالستار ککراڻي مولوي ھئڻ جيڪري 5, لک خون وڌيڪ 30, لک رپيا ، ۽ عبدالباسط ننڍڙو ٻار ھئڻ جيڪري 10،لک وڌيڪ جنهن جا 35، لک رپيا ڏنڊ رکيو ويو ،سھيل جا 25، لک، 2 معصوم نياڻيون زخمي ڪرڻ جا 6، لک رپيا ۽ 18, ٻيا ماڻهو زخمي ڪرڻ جا 15، لک 50 ھزار رپيا ،ٽوٽل 1، ڪروڙ ،14، لک رپيا عبدالحميد ڌر مٿان ڏنڊ مقرر ڪيو ويو، ٻي ڌر عبدالحميد جا 3, قتل ۽ 12 زخمي ثابت ٿيڻ تي دوست محمد ککراڻي جي ڌر مٿان 1ڪروڙ 6, لک 50 ھزار رپيا ڏنڊ رکيو ويو، قتل ۾ اشفاق ککراڻي کي گھرائي مارڻ جا 5، لک وڌيڪ خون بھا،30 لک رپيا ،عبداللطيف جا 25 لک رپيا ،محمد بچل جا 25 لک رپيا ، جھيڙي ۾ اڳرائي ڪرڻ جا 5 لک رپيا ،ڪيس ۾ عورتن جا نالا ڏيڻ جا 5, لک رپيا ، ۽ 12 ماڻهو زخمين جا 16, لک 50 ھزار رپيا ڏنڊ رکيو ويو ، دوست محمد ککراڻي ڌر مٿان عبدالحميد ککراڻي جي ڌر جا، 1 ڪروڙ 6، لک 50 ھزار رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو، ڌرين کير کنڊ ٿي ويا.