مدئجي ڀرسان پراڻي تڪرار تان گوليون هڻي 2 نوجوان ڀائر قتل: ڊاٽسن ۾ لاش کڻايا ويا

مدئجي ڀرسان پراڻي تڪرار تان گوليون هڻي 2 نوجوان ڀائر قتل: ڊاٽسن ۾ لاش کڻايا ويا

مدئجي (رپورٽ: سڪندر راهوجو) مدئجي ويجهو ڳاهيجا ٿاڻي جي حد ڳوٺ ماڻڪ جي  وانڍ ۾ تڙت برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان فائرنگ ڪئي وئي، گوليون لڳڻ سبب سڳا ڀائر گل الدين ۽ عارف تڙت جتوئي پٽ عبداللطيف تڙت جتوئي قتل ٿي ويا، اطلاع تي ڳاهيجا پوليس مارجي ويلن جا لاش ڊاٽسن تي کڻائي مدئجي اسپتال منتقل ڪيا، اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا، ڳاهيجا ٿاڻي جي ايس ايچ او صبغت الله جتوئي جو چوڻ هو ته جبار ۽ حڪيم جتوئي ڌرين ۾ زمين جي معاملي تاپراڻو تڪرار ھلندڙ آھي، حڪيم جي ڌر فائرنگ ڪري ٻن سڱن ڀائرن کي قتل ڪيو آهي، جلد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.ٻي طرف مارجي ويلن نوجوانن جي ماءُ صبحان خاتون جو چوڻ هو ته ٻئي پٽ دڙي بس اسٽاپ تان سودو وٺڻ جي لاءِ ويا هئا، مخالف حڪيم جتوئي جي ڌر کين فائرنگ ڪري قتل ڪيو آهي، هن مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.