مدئجي ۾ فصل جي ڀيل تان ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، فائرنگ ۾ نوجوان مارجي ويو

مدئجي ۾ فصل جي ڀيل تان ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، فائرنگ ۾ نوجوان مارجي ويو

مدئجي(رپورٽ: سڪندر راهوجو) ڳاهيجا ٿاڻي جي حد ڳوٺ وڏا ڪيھر ۾ ڪيهر برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ فصل جي ڀيل تان جھيڙو ٿي پيو، جھيڙي دوران فائرنگ هڪ نوجوان موسل عرف ڏاڏو ڪيھر مارجي ويو، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، ڳاھيجا پوليس موجب ڪيھر برادري جي ٻن ڌرين ۾ فصل جي ڀيل تان فائرنگ ٿي آھي، جوابدار فرار ٿي ويا، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي،  ٻئي طرف مقتول جي امڙ صغران خاتون موجب اسان غريب آھيون اسان سان پنھنجا مائٽ اسان سان بنا جواز جھيڙا ڪندا آهن، ٻنيءَ مان ول کڻي رھيا ھياسين ته فائرنگ ڪري نوجوان پٽ کي قتل ڪيو ويو آهي، هن مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.