| مدئجي ۾ مبينا طور ڀتو نه ڏيڻ تان نينگري سميت 2 ڄڻا قتل، لاش رکي ڌرڻو |
مدئجي (ن پ ا) مدئجي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نينگري سميت 2 ڄڻا قتل ٿي ويا، هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو، باءِ پاس ويجھو هوٽل تي سرعام نامعلوم هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، گوليون لڳڻ سبب واٽهڙو نينگري پارس ڌيءُ خالق جتوئي مارجي ويو، ان حوالي سان نينگر جي والد عبدالخالق جتوئي ٻڌايو ته اسان جي ڪنهن سان به دشمني ناهي، نينگر هوٽل تي کير کڻي آيو هو، فائرنگ ۾ مارجي ويو آهي، جڏهن ته فائرنگ ۾ ڳوٺ بخشو اڄڻ واسي رٽائرڊ فوجي لياقت اڄڻ ۽ سراج جتوئي به سخت زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو،لاڙڪاڻي اسپتال ۾ رٽائرڊ فوجي لياقت اڄڻ دم ڏئي ڇڏيو، طرف اڄڻ برادري جي چڱي مڙس ھادي بخش اڄڻ ٻڌايو ته شيخن سان پراڻو سڱاوتي تڪرار ھلندڙ ھيو، خبر ناهي ته انهن حملو ڪيو آهي يا ڪو ٻيو معاملو آهي، هوڏانهن ايس ايچ او مدئجي جو چوڻ هو ته اڄڻ ۽ شيخ برادري جي ٻن ڌرين ۾ ورهين کان سڱاوتي تڪرار ھلندڙ آهي، ڌرين تي ڪيس به داخل ٿيل آهن، هوڏانهن مارجي ويل رٽائرڊ فوجي لياقت اڄڻ ۽ 12 ورهين جي نينگري جو لاش رکي وارثن پاران سکر-لاڙڪاڻو پل تي ڌرڻو هنيوويو، ان موقعي تي مقتول جي ڀاءُ مظهر اڄڻ جو چوڻ هو ته شيخ ڌر جا جوابدار ڀتي جي لاءِ فون ڪندا هيا، هاڻي فائرنگ ڪري نينگري سميت ٻن ڄڻن کي قتل ڪيو ويو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.