مدئجي ۾ ڳوٺاڻن جو پوليس خلاف احتجاج، ڦرلٽ جا الزام

مدئجي ۾ ڳوٺاڻن جو پوليس خلاف احتجاج، ڦرلٽ جا الزام

مدئجي(ن پ ا) مدئجي جي ڪچي واري علائقي ۾ پوليس جي چڙهائي خلاف فقير ڳوٺ جي رهواسي عورتن ۽مردن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، احتجاج ڪندڙ حاڪم خاتون، ممتاز، اميران خاتون، عمراه۔ذاڪرجوڻيجو،ميراج، مھراب جوڻيجو، عارف جوڻيجو، صدر، دلشير محبوب جوڻيجو،نديم، الطاف جوڻيجو ۽ ٻين چيو ته پوليس بنا ڪنهن ڏوهه جي گهرن ۾ داخل ٿي گهرن م ڀڃ ڊاهه ڪرڻ سان گڏ گهريلو سامان اناج ڍور روڪ رقم سون ۽ ٻيو سامان کڻي ڍور ڪاهي وئي آهن، پوليس بنا ڪنهن ڏوھ جي اسان جا گهر ڊاهي پٽ ڪيا آهن، هنن مطالبو ڪيو ته انصاف ڪيو وڃي.