مدرسا بل رد ڪرڻ خلاف اسلام آباد ڏانهن مارچ جو چتاءُ: متان سمجهو ملان ٿڪجي پوندا: فضل الرحمان

ڊسمبر 9, 2024

پشاور (م ڊ) جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان مدرسا بل منظور نه ٿيڻ تي اسلام آباد ڏانهن مارچ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ان ڏس ۾ پشاور ۾ اسرائيل مردا باد ڪانفرنس  ٿي گذري. ڪانفرنس کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان  چيو ته فلسطين ۾ انسانيت جو قتل عام ٿي رهيو آهي. نيتن ياهو انسانيت جو دشمن آهي، ان کي ڦاهي تي لٽڪائڻ گھرجي. هن چيو ته فلسطيني مجاهدن جي مقابلي ۾ اسرائيل ميدان تي نه پيو بيهي سگهي. هن چيو ته فلسطيني ڀائرن کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته اسين انهن سان گڏ ڪلهو ڪلهي سان ملائي بيٺا آهيون. فلسطين جي جھاد ۾ اسان به شريڪ آهيون. هن چيو ته پهرين مهاڀاري جنگ ۾ مغربدي دنيا ڪروڙين انسانن جو قتل ڪيو،  افغان ۽ عرب دنيا جي مسلمانن جو قتل عام ڪيو ويو. اڄ فلسطين ۾ انسانيت جو قتل ٿي رهيو آهي، اڄ تائين 50 هزار فسلطيني شهيد ٿي چڪا آهن. ڇا فلسطيني ٻارڙن کي جيئڻ جو ڪو حق ڪونهي؟ هن چيو ته  آمريڪا ۽ مغربي دنيا فلسطين ۾ قتل عام تي خاموش آهي اسان هن خطي ۾ انسانيت کي شعور ڏنو آهي.  بدرسا بل تي ڳالهائيندي فضل الرحمان چيو ته مدرسا بل تي پ پ سان منهنجي گھر ملاقاتون ٿيون، بلاول سان ڳالهايو.  هن چيو ته پهرين اسان کان 26هين آئيني ترميم لڪائي وئي. ڳالهين ذريعي ڇويهين ترميم جا مسئلا حل ٿيا.  26هين ترميم جو پهريون مسودو منظور ٿي وڃي ها ته آئين ۽ پارليامينٽ تباهه ٿي وڃن ها. هن چيو ته ڪجهه قوتون مدرسا بل روڪرائڻ چاهين ٿيون،  شهباز شريف جي 16 مهينن واري حڪومت ۾ مدرسا بل تي ڳالهايو هو. ديني مدرسن جو بل ڊرافٽ حڪومت تيار ڪيو هو. بل اسيمبلي ۾ آيو ته ڪجھه قوتن ان کي روڪرايو. هي سمجھندا هوندا ته مولوي ٿڪجي پوندا. هن وڌيڪ چيو ته سينٽ ۾ پ پ ۽ ن ليگ سميت سمورين پارٽين مدرسا بڪل کي ووٽ ڏنو، صدر بل تي صحيح نه ڪئي ته سوال ته ٺهي ٿو. بل منظور ڪرڻ ۾ شريڪ ٿيا پر صحيح نه ڪئي. ايوان صدر مان بل منظور نه ٿيو ته اهو مذاق ناهي ته ڇا آهي؟ ڇا ان تي اسان معاف ڪري ڇڏينداسين؟هن چيو ته اڳ ئي چيو هو ته مارچ ڪنداسين، فيصلو اتفاق سان ڪنداسين. ڪارڪن اسلام آباد مارچ لاءِ تيار آهن، جلد ڪال ڏينداسين.  هن چيو ته سمورين ديني جماعتن سان ملاقات ڪري متفقه فيصلو ڪنداسين. اسين اهي ماڻهو ناهيون جن کي توهان اسلام آباد اچڻ کان روڪي سگھو. توهان جا آزمايل آهيون، وڌيڪ نه آزمايو. 16 يا 17 ڊسمبر تي مدرسن جو اجلاس ٿيندو، پوءِ فيصلو ڪنداسين.

Leave A Comment