مدرسن تي عالم ورهائجي ويا، فضل الرحمان جو ڳالهين کان انڪار: اوهان 10هزار ته اسان 30 هزار ماڻهو آڻي سگهون ٿا: علماءَ ڪانفرنس
ڊسمبر 10, 2024
اسلام آباد/چارسده (بيورو رپورٽ + م ڊ) مدرسا رجسٽريشن بل جي معاملي تي عالم ورهائجي ويا، مولانا فضل الرحمان حڪومت سان ڳالهين کان جواب ڏئي ڇڏيو، حڪومت چيو آهي ته بل تي فضل الرحمان کان به تجويزون ورتيون وينديون، علماءَ مشائخ ڪانفرنس ۾ چيو ويو ته جيڪڏهن ڪير 10 هزار ماڻهو آڻيندو ته ان جي مقابلي ۾ اسان 30 هزار ماڻهو آڻي سگهون ٿا. رپورٽ موجب اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته مدرسن وارو بل پيچيدگين سبب قانوني شڪل اختيار نه ڪري سگهيو آهي، عالمن جي تجويزن جو نوٽيس ورتو آهي، تجويزن تي مشاورت بعد حتمي حل ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. اسلام آباد ۾ مدرسن جي رجسٽريشن ۽ سڌارن جي حوالي سان علما ۽ مشائخ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته مدرسن کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ ۽ انهن جي رجسٽريشن لاءِ وسيع مشاروت بعد واضع ڪيو ويو آهي. هن نظام تحت 18 هزار مدرسن رجسٽريشن ڪرائي، مدرسن کي وفاقي وزارت تعليم جي ماتحت ڪيو ويو ته ان سان فائدو ٿيو، ايڇ اي سي ۽ سموريون يونيورسٽيون هڪ ئي وزارت تعليم جي ماتحت آهن. هن چيو ته مدرسن جي رجسٽريشن ۾ عالمن جون ڪوششون شامل آهن، مدرسن جي رجسٽريشن جا نتيجا اچڻ شروع ٿي ويا آهن، خوشي جي ڳالهه آهي ته مدرسن جا شاگرد ڊاڪٽر ۽ انجنيئر بڻجي رهيا آهن. هن چيو ته حڪومت عالمن جي تجويزن تي مشاورت ڪندي، وفاقي وزير چيو ته مولانا فضل الرحمان قابل احترام آهي، اُن جون تجويزون به ٻڌيون وينديون. ان موقعي تي تعليم واري وفاقي وزير خالد مقبول صديقي چيو ته مدرسن جي موجودگي قومي حوصلو آهي. سڀني عالمن 2019ع ۾ معاهدي تي صحيح ڪئي، اها رجسٽريشن مدرسن جي نه پر مدرسن جي مسئلن جي هئي، جيڪڏهن تعليم جو ڪو مسئلو آهي ته اهو تعليم واري وزارت وٽ هجڻ گهرجي. هن چيو ته سياسي دٻاءُ ۾ نه اينداسين، هي قومي فيصلو آهي. مذهبي معاملن واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ چيو آهي ته مخالفت ڪرڻ وارن کي سمجهه ۾ نه پيو اچي، اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي سربراهه علامه راغب نعيمي چيو آهي ته مدرسن جو مسئلو مذهبي آهي، ان کي آکاڙو نه بڻايو وڃي، هاڻي مدرسن جي نظام کي ڪو پرڏيهي خطرو ناهي، ديني مدرسن مان گريجوئيشن ڪندڙ شاگردن جي ڊگري ايم اي جي برابر آهي، علامه طاهر اشرفي چيو ته وفاقي وزيرن کي گذارش آهي ته موجوده آرڊر برقرار رکيو وڃي ۽ مدرسن کي تعليم واري وزارت جي ماتحت رکيو وڃي. هن مطالبو ڪيو ته مدرسن بابت ڪنهن به قانون سازي ۾ سمورن مدرسن جي بورڊز کي اعتماد ۾ ورتو وڃي. طاهر اشرفي وڌيڪ چيو ته جيڪو معاهدو ٿيو هو اُن تي اسان جون نه پر اڪابرين جون صحيون آهن. مدرسن ۾ لکين شاگرد آهن، هر ڪنهن وٽ اختيار آهي، اسان تڪرار نٿا چاهيون، ڇا روز نوان قانون ٺاهيا ويندا؟ هن چيو ته جيڪڏهن هر 5 سالن کانپوءِ اهڙو قانون ٺهندو ته مدرسن جا شاگرد متاثر ٿيندا. جيڪڏهن ڪو هتي 10 هزار ماڻهو آڻي سگهي ٿو ته هتي ويٺل عالم 30 هزار ماڻهو آڻي سگهن ٿا. ڊي جي مذهبي تعليم ميجر جنرل رٽائرڊ غلام قمر چيو ته ملڪ ۾ مدرسن جو اهم ڪردار آهي، سمورا مدرسا تعليم واري وزارت سان منسلڪ ڪرڻ جي لاءِ ڪابينا مان منظوري ٿي. 2019ع ۾ حڪومت ۽ سمورن عالمن وچ ۾ معاهدو ٿيو. 53 ملڪن جا 1609 شاگرد پاڪستاني مدرسن ۾ پڙهن ٿا ۽ سڄي ملڪ ۾ 18600 مدرسا رجسٽرڊ ٿيل آهن. منهاج القرآن جي جنرل سيڪريٽري خرم نواز گنڊاپور چيو ته ملڪ جي مستقبل ۾ ديني مدرسن جو ڪردار آهي. رات جي اونداهي ۾ مدرسن جي رجسٽريشن جو بل پاس ڪيو ويو، اسان چاهيون ٿا ته مدرسي جو هر ٻار رجسٽرڊ ٿئي. ٻاهرين دنيا مان الزام لڳندو آهي ته مدرسن ۾ ڪير پڙهي رهيو آهي. علامه جواد حسين نقوي چيو ته عالمن ۽ مدرسن جو ٽڪراءُ نٿا چاهيون، مولانا فضل الرحمان کي مدرسن ۾ ٽڪراءُ نه ڪرڻ گهرجي، مولانا فضل الرحمان سان حڪومت ڳالهيون ڪري. اسان مدرسن کي گذارش ڪريون ٿا ته مدرسن کي واپار، دهشتگردي ۽ سياست کان پري رکيو وڃي. اهڙي طرح اجلاس ۾ موجود ٻين عالمن به مدرسن کي تعليم واري وزارت جي ماتحت رکڻ جو مطالبو ڪيو. ياد رهي ته 26هين آئيني ترميم دوران بحث مباحثي کانپوءِ سوسائٽي ايڪٽ تحت مدرسن جي رجسٽريشن جو بل 20 آڪٽوبر تي سينيٽ ۽ 21 آڪٽوبر تي قومي اسيمبلي منظور ڪيو هو پر بل تي صدر پاڪستان صحيح نه ڪئي. جنهن تي جمعيت علماءِ اسلام (ف) پاڪستان جي سربراهه مولانا فضل الرحمان حڪومت کان سخت ناراض آهي ۽ اسلام آباد ڏانهن مارچ جو چتاءُ ڏئي چڪو آهي، هوڏانهن چارسده ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته عالمن جي اڳيان عالمن کي آندو پيو وڃي، اسان مدرسن کي بچائي وينداسين، حڪومت ملڪ بچائَي، جي يو آءِ سربراهه مدرسا رجسٽريشن بِل تي حڪومت سان وڌيڪ ڳالهين کان انڪار ڪندي چيو ته حڪومت بِل ۾ ترميم لاءِ ڪا تجويز ڏني ته قبول ڪرڻ پري جي ڳالهه، اُن تي غور به نه ڪنداسين، مدرسن ۾ ڪي به اختلاف نه آهن، نوان شوشا نه ڇڏيا وڃن، عالمن کي ورهائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، وفاق المدارس پاران 17 ڊسمبر تي اجلاس گهرايو ويو آهي، اسان پنهنجي فيصلن ۽ اعلان کي اُن اجلاس تائين روڪيون ٿا، مدرسن جي بِل تي سياسي پارٽين سوڌو ڳجها ادارا به متفق هئا، سوال اهو آهي ته سڀ ڪجهه اتفاق راءِ سان طئه ٿيڻ کانپوءِ ڇا ٿي ويو؟ صدر بِل تي صحي ڇو نٿو ڪري؟ اها بدنيتي آهي.