مدرسن جي رجسٽريشن وارو بل قانون بڻجي چڪو آهي، نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي: فضل الرحمان
ڊسمبر 13, 2024
ڊيرااسماعيل خان (م ڊ) جمعيت علماءِ اسلام(ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته مدرسن جي رجسٽريشن وارو بل هاڻي قانون بڻجي چڪو آهي، فوري طور تي نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي. معاملي کي غير ضروري طور تي منجهايو ويو آهي، اسان جو عالمن سان ڪوبه اختلاف نه آهي. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته اسان جي شڪايت صرف ايوان صدر ۽ صدر سان آهي، حڪومت جي منظور ڪيل بل تي صدر اعتراض ڇو ڪيو؟ هن چيو ته ايوان صدر ڏيڍ مهيني کان پوءِ مدرسن جي بل تي اعتراض ڪيو جڏهن 10 ڏينهن تائين اعتراض نه ٿئي ته اهو ايڪٽ بڻجي ويندو آهي، اسان جي دعويٰ آهي ته بل قانوني طور تي منظور ٿي چڪو آهي حڪومت گزٽ نوٽيفڪيشن جاري ڇو نه ڪري رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته آصف زرداري ۽ بلاول سان ڪلاڪن جا ڪلاڪ ملاقاتون ٿيون شهباز شريف جي موجودگي ۾ مدرسي جي بل تي اتفاق راءِ ڪيو ويو. قانون واري وزارت انهي جو ڊرافٽ تيار ڪيو ۽ اسان انهي کي قبول ڪيو انهي جي تياري ۾(ن) ليگ ۽ پ پ شامل هئي. انهي تي هاڻ آصف زرداري جي اعتراض جو ڪهڙو جواز آهي. هن چيو ته انهن سمورن معاملن ۾ رياستي ادارا موجود هئا. سمورن مرحلن ۾ اهي پاڻ شريڪ هئا، بل جي هڪ هڪ لفظ جي انهن کي خبر هئي هاڻ انهي کي تڪراري ڇو پيو بنايو وڃي. وفاق المدارس ۽ اتحاد مدارس دينيه سان تڪرار ڇو پيو اٿاريو وڃي. اسان جو ته انهن سان جهيڙو ئي ناهي، جنهن ڊرافٽ تيار ڪيو انهي جي چوڻ تي اچي هو گوڙ ڪري رهيا آهن ۽ تعليم واري وزارت سان جڙي وڃو يا سوسائٽي ايڪٽ سان اهو نئون سوال اٿاريو پيو وڃي. هوڏانهن جمعيت علماءِ اسلام(جي يو آءِ) جي سينئر اڳواڻ ۽ سينيٽر ڪامران مرتضي مدرسن جي رجسٽريشن بابت بل تي صدر جي اعتراضن بابت قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق کي خط لکي ڇڏيو آهي. پنهنجي خط ۾ جي يو آءِ سوسائٽيز رجسٽريشن ترميمي بل تي صدر آصف علي زرداري جا اعتراض گهريا آهن.