ٽنڊوباگو(ن پ و)ٽنڊوباگو لڳ مدرسي مان اغوا ٿيل شاگردياڻي شهلا ملاح بازياب نه ٿي، وارثن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو
ڳوٺ ڇٽو ملاح مان ٻه ڏينهن اڳ مدرسي ۾ پڙھندڙ 16 سالن جي نينگري شهلا ڌيءَ حنيف ملاح کي مولوي ميرمحمد ساند مبينا طور تي اغوا ڪري ويو
ڳوٺاڻڻ پاران ڪيس داخل ڪرڻ باوجود پوليس ساگردياڻي کي بازياب نه ڪرايو آهي جنهن تي ڳوٺاڻن جي وڏي انگ گڏ ٿي احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ ڌرڻو هنيو
ان موقعي تي ڳوٺاڻن رمضان ملاح، پيارو، حاڪم، ناٿو، عيدو ۽ گل حسن ملاح چيو ته اسان جي 16 سالن جي نياڻي کي مدرسي ۾ ديني تعليم پڙهائيندڙ مٺي ضلعي جي ڳوٺ روهيڙو جو رھواسي مولوي مير محمد ساند ورغلائي اغوا ڪري کڻي ويو آهي ۽ اتي وڃي هن سان زوري نڪاح ڪيو آهي
هنن ٻڌايو ته قانوني طور تي 18 سالن جي عمر ٿيڻ کان پوءِ نڪاح ٿي سگهي ٿو، 18 سالن جي عمر کان اڳ ٿيل نڪاح قانوني طور تي غلط آهي
هنن آئي جي سنڌ ۽ ايس ايس پي بدين کان گهر ڪئي ته اسان جي نياڻي شهلا ملاح کي بازياب ڪرائي مولوي مٿان اغوا جو ڪيس داخل ڪيو وڃي