مذهبي اڳواڻ محمد علي مرزا قاتلاڻي حملي ۾ محفوظ، سپاهي زخمي

مذهبي اڳواڻ محمد علي مرزا قاتلاڻي حملي ۾ محفوظ، سپاهي زخمي

جهلم (م ڊ)  پنجاب صوبي جي شهر جهلم جي سٽي ٿاڻي جي حد ۾ انجنيئر محمد علي مرزا جي اڪيڊمي تي فائرنگ ڪندڙ جوابدار جوابي ڪارروائي ۾ مارجي ويو. رپورٽ موجب جي ٽي ايس چوڪ ۾ واقع قرآن ريسرچ اڪيڊمي جي ٻاهران فائرنگ ڪئي وئي، پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ حملي آور مارجي ويو جڏهن ته پوليس جو ملازم به زخمي ٿي پيو. واقعي کان پوءِ پوليس جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پهتي. حملي آور روڪڻ جي ڪوشش تي فائرنگ ڪئي. جهلم پوليس چيو ته اڻڄاتل حملي آور جوابي فائرنگ ۾ مارجي ويو، جهلم پوليس جي ترجمان ڪاشف ڪياني ٻڌايو ته انجنيئر محمد علي مرزا قرآن، سنت ريسرچ اڪيڊمي جي ٻاهران بيٺل هو جتي هو ليڪچر ڏيندو آهي اتي هڪ شخص 9 ايم ايم پستول کڻي آيو زمين تي ليٽي فائرنگ شروع ڪري ڏني. جهلم جي سينئر سپرنٽينڊنٽ آف پوليس چوڌري شفيق ٻڌايو ته پوليس جوابي فائرنگ ڪئي جنهن دوران حملي آور ٿڏي تي مارجي ويو. هن وڌيڪ چيو ته حملي جي دوران انجنيئر محمد علي مرزا محفوظ رهيو. ڪاشف ڪياني انهي ڳالهه جي تصديق ڪئي ته حملي جي دوران عالم دين جي سيڪيورٽي ٽيم ۾ شامل هڪ پوليس اهلڪار زخمي ٿيو، ڪانسٽيل جي پير ۾ گولي لڳي جنهن کي جهلم ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر اسپتال آندو ويو جتي انهي جي حالت خطري کان ٻاهر ٻڌائي پئي وڃي. ايس ايس پي چوڌري شفيق موجب حملي وقت سخت سيڪيورٽي مقرر هئي،  جنهن کي هاڻ وڌيڪ سخت ڪيو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته حملي آور جي سڃاڻپ لاءِ نادرا کان مدد ورتي ويندي.