| مذهبي رواداري انتهاپسندي جي خاتمي ۾ڪردار ادا ڪندي: احسن اقبال |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي وزير منصوبا بندي، ترقي پروفيسر احسن اقبال چيو ته سائبان پاڪستان جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته سائبان پاڪستان بين المذهبي هم آهنگي ۽ سماجي يڪجهتي جي فروغ لاءِ قومي بيانيو آهي، سائبان پاڪستان انتهاپسندي خلاف قومي بيانيي کي وڌيڪ مضبوط ڪندو. 2018ع ۾ پيغام پاڪستان جاري ڪيو ويو هو. سائبان پاڪستان، پيغام پاڪستان جي طرز تي قومي يڪجهتي کي هٿي ڏيندو. احسن اقبال چيو ته مذهبي رواداري ۽ ڳالهيون انتهاپسندي جي خاتمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون. قائداعظم سڀني شهرين کي مذهبي آزادي جي ضمانت ڏني هئي. مختلف عقيدن جي پيروڪارن وچ ۾ هم آهنگي پاڪستان جي ترقي لاءِ ضروري آهي.