| مذهب جي جبري تبديلي ڏوهه، 5 سال قيد تجويز |
لاهور (م ڊ) پنجاب مذهب جي جبري تبديلي تي 5 سال قيد ۽ ڏنڊ جي سزا جي تجويز سان اقليتن جي حقن جي تحفظ جو بل صوبائي اسيمبلي ۾ جمع ڪرايو ويو آهي. بل اقليتي معاملن واري اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين فيليبس ڪرسٽوفر پرائيويٽ ميمبر طور پيش ڪيو. جمع ڪرايل بل موجب جبري مذهب تبديل ڪرائڻ تي 5 سال قيد ۽ ڏنڊ جي سزا تجويز ڪئي وئي آهي. بل ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته تعليمي ادارن ۽ نوڪرين ۾ اقليتي شهرين سان امتيازي ورتاءُ نه ڪيو ويندو، جڏهن ته صوبائي سطح تي تعليمي نصاب جو به جائزو ورتو ويندو. ان حوالي سان وفاقي آئيني عدالت گذريل هفتي هڪ اهم فيصلو پڻ جاري ڪري چڪي آهي.