مذهب مٽاءِ ته جنت ماڻين: پ پ ايم اين اي جي زال جا اڳوڻي آءِ جي جي زال تي مذهبي هراسان ڪرڻ جا الزام  

  مذهب مٽاءِ ته جنت ماڻين: پ پ ايم اين اي جي زال جا اڳوڻي آءِ جي جي زال تي مذهبي هراسان ڪرڻ جا الزام  

ڪراچي (رپورٽ: حبيب جمالي) سنڌ ايمپلائز سوشل سيڪيورٽي انسٽيٽيوٽشن (سيسي) سٽي سرڪل جي سي ايم او ڊاڪٽر رشيده سومرو تي مذهبي بنيادن تي هراسان ڪرڻ جا سنگين الزام، پ پ ايم اين اي رميش ڪمار ونڪواڻي  جي زال ۽ ليڊي ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر سويتا وانڪواڻي سيسي ڪمشنر کي خط لکي ڇڏيو. هن خط ۾ ڄاڻايو ته سي ايم او ڊاڪٽر رشيدا سومرو مذهبي بنيادن تي نشانو بڻائي ڌمڪيون ڏئي ٿي، ڊاڪٽر رشيده ڌمڪي ڏيندي چيو ته آئون سومرو آهيان، توکي سومرا برادري جي طاقت جي خبر پئجي ويندي، ڊاڪٽر رشيده مون کي توهين مذهب جي الزام هيٺ انتهاپسندن کان مارائڻ جي ڌمڪي به ڏني، ڊاڪٽر سويتا ڊاڪٽر رشيده مون کان جونيئر آهي، جيڪا 19هين گريڊ ۾ هجڻ باوجود 20 هين گريڊ جي پوسٽ جا مزا وٺي رهي آهي، سندس مڙس  ڊاڪٽر ثناءَ الله  عباسي  اڳوڻو آءِ جي ۽ سندس ڀاءُ اڳوڻو ايم اين اي اياز سومرو آهي، ڊاڪٽر رشيده سومرو ساڍا 10 هين وڳي آفيس ايندي آهي، جڏهن ته سندس ڀيڻ ڊاڪٽر فوزيه هفتي ۾ 2 ڀيرا ڊيوٽي ڪندي آهي، باقي ڏينهن ۾  نجي اسپتال ڪي ڪي ٽي اسپتال ۾ ڊيوٽي ڪندي آهي، 19 نومبر تي ڊاڪٽر رشيده مون کي بدلي ڪيو، آئون ساڻس ڳالهائڻ ويس ته هن منهنجي مذهبي شناخت تي حملو ڪيو ۽ گاريون ڏيندي چيو ته جنت ۾ وڃڻو اٿئي ته مسلمان ٿي وڃ، ڊاڪٽر رشيده منهنجي مذهب جي حوالي سان توهين آميز جملا چيا، 20 نومبر تي ڊاڪٽر رشيده ٻاهر ڌمڪيون ڏنيون ۽ ٻن ٻين هندو ڊاڪٽرن جي باري ۾ به توهين آميز لفظ استعمال ڪيا، ڊاڪٽر رشيده يا ته ذهني طور بيمار آهي يا طاقت جي نشي ۾ آهي، مون پنهنجي مڙس ايم اين اي سان ڳالهايو، منهنجي مڙس سيسي ڪمشنر سان ڳالهايو، جنهن بعد ڪمشنر منهنجي بدلي وارو آرڊر ڪينسل ڪيو. ڊاڪٽر سويتا خط ۾ مطالبو ڪيو ته سينئر آفيسرن تي مشتمل بورڊ جوڙي مامري جي غير جانبدار ۽ شفاف جاچ ڪرائي وڃي، ڊاڪٽر رشيده کي هٽائي ڪنهن سينيئر کي مقرر ڪيو وڃي، سڀني سينئر ڊاڪٽرن کان حلفيه بيان ورتا وڃن ته جيئن صورتحال واضح ٿئي ۽ اصل حقيقتون سامهون اچي سگهن، موبائيل فون جي فارنزڪ ڪرائي وڃي ته جيئن خبر پوي ته ڪير ايمانداري سان ڊيوٽي ڪري رهيو آهي ۽ ڪير عهدي جو غلط استعمال ڪندي غير حاضر رهندو آهي؟ انڪوائري وقت آئون سمورا ثبوت ڏيڻ لاءِ تيار آهيان. ٻئي طرف پنهنجي اخبار طرفان ڊاڪٽر رشيده سومرو ۽ ڪمشنر سيسي کان موقف ڄاڻڻ لاءِ بار بار رابطو ڪيو ويو پر ٻنهي سان رابطو نه ٿي سگهيو.
 

سويتا ڪوڙي آهي يا رشيده ؟3 رڪني جاچ ڪاميٽي قائم 

ڪراچي: پ پ ايم اين اي رميش وانڪواڻي جي زال ڊاڪٽر سويتا طرفان سيسي سٽي سرڪل جي سي ايم او ڊاڪٽر رشيده سومرو  تي مذهبي بنيادن تي هراسان ڪرڻ ڪرڻ جا الزام، ڪمشنر سيسي 3 رڪني ڪاميٽي جوڙي ڇڏي، جنهن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو، نوٽيفڪيشن موجب ڪاميٽي جو چيئرمين ميڊيڪل ايڊوائيزر ڊاڪٽر سعاد ميمڻ هوندو، ڊاڪٽر صائمه  غياث ۽ ڊاڪٽر ڪانتا ڪماري کي ميمبر طور شامل ڪيو ويو، ڪاميٽي کي 15 ڏينهن ۾ جاچ مڪمل ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي