“مرادشاهه وٺو _مريم نواز سنڌ کي ڏيو”: ڪراچي جي واپارين جو احسن اقبال کان انوکو مطالبو

جنوري 27, 2025

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي واپارين رٿابندي واري وفاقي وزير  احسن اقبال کان مطالبو ڪيو آهي ته “اسان کي ڪجهه ڏينهن لاءِ مريم نواز ڏيو،  مراد علي شاهه کي وري پاڻ وٽ  رکو.” وفاقي وزير واپارين سان گڏجاڻي دوران اهڙو انوکو مطالبو ٻڌي مسڪرائي ڏنو  پر   ڪو به تبصرو نه ڪيو. وفاقي وزير احسن اقبال مريم نواز کي سنڌ جو وڏو وزير بڻائڻ جي واپارين جي فرمائش تي  کلندي ڳالهه کي ٽاري ويو. ٻئي پاسي سنڌ حڪومت جي ترجمان سعديه جاويد واپارين جي اهڙي مطالبي تي سخت ردعمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته خوشامدڙين کان من پسند جملا چورائي زميني حقيقتن کي تبديل نٿو ڪري سگهجي. هڪ چاپلوس جي ڳالهه کي باشعور ۽ باوقار واپاري برادري جو بيانيو چوڻ بدديانتي آهي، ڪوبه سنجيده سياستدان ۽ ذميوار وزير پنهنجي سامهون ڪابه اجائي ڳالهه برداشت نه ڪندو آهي. هن چيو ته هڪ مخصوص سازشي واپاري ٽولو سنڌ جي ماڻهن جي توهين ڪري رهيو آهي.

Leave A Comment