مراد شاهه کي جيل موڪلي ڇا ڪنداسين؟ توهين عدالت جو نوٽيس جاري

آگسٽ 16, 2023

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سپريم ڪورٽ ڪراچي جي گجر ۽ اورنگي نالن جي متاثرن جي درخواست تي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه کي توهين عدالت جا نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا

سپريم ڪورٽ چيف سيڪريٽري سنڌ، ڪمشنر ڪراچي ۽ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ کي به سڀاڻي طلب ڪري ورتو آهي

سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ گجر نالي جي متاثرن جي وڏي وزير مراد علي شاهه خلاف توهين عدالت جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، عدالت وڏي وزير مراد علي شاهه کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا

عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته چيف سيڪريٽري جي رپورٽ کانپوءِ سنڌ جي وڏو وزير کي سپريم ڪورٽ ۾ طلب ڪرڻ وارو معاملو اڪلايو ويندو، وڏو وزير ھڪ ٻن ڏينهن جو مھمان آهي، کيس جيل موڪلي ڇا ڪنداسين؟ متاثرن جي وڪيل فيصل صديقي ايڊووڪيٽ چيو ته سپريم ڪورٽ حتمي حڪم 25 آڪٽوبر 2021 تي ڏنو ھو، ٻن سالن ۾ هڪ به ماڻهو کي گهر ناهي مليو

متاثرن جي وڪيل چيو ته سنڌ حڪومت اورنگي ۽ گجر نالن جي متاثرن جي مدد ڪري، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي 11 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏي

جڏهن ته ڪراچي ۾ اورنگي ۽  گجر نالي جي متاثرن سپريم ڪورٽ رجسٽري ٻاهران احتجاج ڪيو، گهر جي بدلي گھر ڏيو جا نعرا هنيا، مظاهرين چيو ته سنڌ حڪومت ٻن سالن تائين 15هزار رپيا ماهوار ڪرايو ڏيڻ جو وعدو ڪيو هو، چيڪ جاري ڪرڻ کانپوءِ رقم  روڪي وئي آهي، انصاف ڪيو وڃي

Leave A Comment