مران ته ڌيءِ جي تصوير سان گڏ دفنائجو: زارا عباس 

مران ته ڌيءِ جي تصوير سان گڏ دفنائجو: زارا عباس 

لاهور (ڪلچرل ڊيسڪ) اداڪاره زارا نور عباس سوشل ميڊيا تي هڪ جذباتي پيغام شيئر ڪندي چيو آهي ته “آئون جڏهن مري وڃان ته مون کي پنهنجن ٻارن جي تصوير سان گڏ دفنايو وڃي. “ انسٽاگرام اسٽوري ۾ هن لکيو ته سندس زندگي جي سڀ کان وڏي ڪاميابي نه سندس ڪيريئر هو نه سندس گهر ۽ نه ئي اها دولت جيڪا هن ڪمائي، پر اهي اوجاڳا هئا جيڪي هن برداشت ڪيا، اهي پتڪڙا هٿ جيڪي هن پڪڙيا، اهي مُرڪون، اهي ڳوڙها، ۽ اهي سڀ ڀاڪر هئا جن کيس شفا ڏني. زارا نور عباس لکيو ته ماءُ هئڻ جو احساس ئي سندس زندگي جو سڀ کان وڏو سرمايو آهي، جنهن هن کي مڪمل انسان بڻايو.
واضح رهي ته زارا نور عباس ڊسمبر 2017 ۾ اداڪار اسد صديقي سان شادي ڪئي هئي. هن مارچ 2024 ۾ ڌيءَ نورِ جهان صديقي کي جنم ڏنو .