پوليس تي حملو ڪيس، مرتضيٰ جتوئي ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش

جُولاءِ 3, 2025

نوشهرو فيروز (پنهنجي ڊيسڪ)جي ڊي اي اڳواڻ مرتضيٰ جتوئي ۽ ٻيا پوليس تي حملي بابت چرچ واري ڪيس ۾ نوشهروفيروز جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ٿيا،نوشهروفيروز جي عدالت پوليس تي حملي بابت چرچ واري ڪيس جي ٻڌڻي 12جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي،ان موقعي تي ڪورٽ ٻاهران جي ڊي اي اڳواڻ مرتضيٰ جتوئي  ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اميناڻي ٿاڻي واري ڪيس ۾ مان نارا جيل ۾ ھيس ته مون بڇ ڪيئن ڏني، هن چيو ته هن ڪيس ۾ جوابدار غلام مصطفيٰ جتوئي پڻ جيل ۾ ھو، منهنجي خلاف  سڀ ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن.

لاڳاپيل پوسٽون

  • جهول ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب پورهيت فوت

  • حيدرآباد ۾وڏي ڀاءُ هٿان ننڍو ڀاءُ قتل

  • ڀان سيد آباد ۾ حادثو، پيرسن عورت فوت

  • قاضي احمد ڀرسان ٿيل مقابلي جو ڪيس داخل