مرتضيٰ وهاب جا نامزدگي فارم رد ڪرڻ واريون درخواستون خارج

آڪٽوبر 19, 2023

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) مرتضيٰ وهاب جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ واريون درخواستون خارج، اليڪشن ٽريبونل رٽرننگ آفيسر جو فيصلو درست قرار ڏئي ڇڏيو، ميئر ڪراچي کي اليڪشن وڙھڻ جي اجازت ملي وئي

سٽي ڪورٽ جي اليڪشن ٽربيونل اولهه ۾ مرتضيَٰ وهاب جي ڪياماڙي ضلعي مان نامزدگي فارم جي منظوري خلاف درخواستن تي ٻڌڻي هلائي

اليڪشن ٽربيونل رٽرننگ آفيسر جو فيصلو درست قرار ڏيندي نامزدگي فارم جي منظوري خلاف جماعت اسلامي ۽ پي ٽي آءِ اميدوارن جون درخواستون رد ڪري ڇڏيون

يوسي 8 ابراهيم حيدري جي رٽرننگ آفيسر مرتضيٰ وهاب جا نامزدگي فارم درست قرار ڏيندي منظور ڪيا هئا، پي ٽي آءِ  جي 4 ۽ جماعت اسلاميءَ جي ٻن اميدوارن نامزدگي ڪاغذن کي چئلينج ڪيو هو

درخواست ۾ چيو ويو هو ته مرتضيٰ وهاب ڏکڻ ضلعي ۾ گزري جو رهواسي آهي، قانون موجب اميدوار ان تڪ مان اليڪشن وڙهي سگهي ٿو جتان جو ووٽر هجي

اليڪشن ٽربيونل رٽرننگ آفيسر جو فيصلو درست قرار ڏيندي مرتضيٰ وهاب خلاف داخل سموريون درخواستون رد ڪري ڇڏيون

يونين ڪميٽي ابراهيم حيدري تان پي ٽي آءِ جي عورت اميدوار جميلا بلوچ ۽ پ پ جي مرتضيٰ وهاب وچ ۾ مقابلو ٿيندو

Leave A Comment