ڪراچي/ گهوٽڪي/ ٽنڊو محمد خان :ڪراچي ۾ وڏي زور آزمائي ۽ جوڙ توڙ کانپوءِ ميئر طور ڪاميابي ماڻيندڙ مرتضيٰ وهاب کي 6 مهينن دوران ملير يا لياري جي يوسي مان اليڪشن ويڙهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي
ان حوالي سان ذريعن موجب ته مڪاني قانون ۾ ڪيل ترميم تحت ميئر ڪراچي واري عهدي تي ڪاميابي ماڻيندڙ مرتضيٰ وهاب کي 6 مهينن دوران پيپلز پارٽي جي اڪثريت واري علائقن ملير يا لياري جي ڪنهن يوسي مان اليڪشن ۾ بيهاريو ويندو
ساڳئي ريت گهوٽڪي ۽ ٽنڊي محمد خان جا ضلعي چيئرمين ٿيندڙ بنگل مهر ۽ قاسم نويد پڻ 6 مهينن اندر پنهنجي ضلعن جي ڪايوسي خالي ڪرائي چونڊ وڙهندا