ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي) ميئر ڪراچي طور مرتضيٰ وهاب پاران حلف کڻڻ شرط ئي ڪي ايم سي ۾ ويجها آفيسر مقرر ٿيڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي
ڪي ايم سي جي ميونسپل ڪمشنر شجاع حسين کي بدلي ڪيو ويو، مرتضيٰ وهاب جو ويجهو آفيسر ۽ ايم ڊي سائيٽ افضل زيدي کي ڪي ايم سي ۾ ميونسپل ڪمشنر مقرر ڪيو ويو آهي
ڪراچي ۾ مرتضيٰ وهاب جي ايڊمنسٽريٽر طور مقرري دوران به افضل زيدي ميونسپل ڪمشنر طور رهي چڪو آهي، ذرين موجب افضل زيدي تي ڪي ايم سي ۾ مقرري دوران مختلف الزام به لڳا هئا
چيف سيڪريٽري پاران ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب جي سفارش کان پوءِ افضل زيدي جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو