مرتضيٰ وهاب ۽ بنگل مهر سميت 6 صلاحڪار ۽ معاون عهدا خالي ڪندا

جُون 19, 2023

ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ جا 6 ميئر ۽ 245 چيئرمين اڄ حلف کڻي رهيا آهن جڏهن ته مرتضيٰ وهاب، بنگل مهر، قاسم نويد، ارسلان شيخ، سلمان مراد ۽ صغيرقريشي حلف کڻڻ بعد صوبائي صلاحڪار ۽ خاص معاون وارا عهدا خالي ڪري ڇڏيندا

سنڌ جي اڪيلي ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن، حيدرآباد، ميرپور خاص، نوابشاهه، سکر ۽ لاڙڪاڻي وارين 5 ميونسپل ڪارپوريشنن جا 6 ميئر ۽ ڊپٽي ميئر، 22 ضلعي چيئرمين  ۽ وائيس چيئرمين، 45 مان 44 ٽي ايم سيز، 39 ميونسپل ۽ 140 ٽائون ڪاميٽين جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين اڄ پنهنجن عهدن جو حلف کڻندا

 ڪراچي جي نئين ميئر مرتضيٰ وهاب ۽ ڊپٽي ميئر سلمان مراد کان حلف کڻائڻ واري تقريب گلشن جناح پولو گرائونڊ ۾ ٿيندي، ان ڏس ۾ اليڪشن ڪميشن جي اختيارين جو چوڻ هو ته  تقريب جي شروعات شام 5 وڳي ٿيندي، صوبائي اليڪشن ڪمشنر اعجاز انور چوهاڻ ميئر ۽ ڊپٽي ميئر کان حلف کڻائيندو

ٻئي طرف  سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جو مرحلو مڪمل ٿيڻ بعد اڄ کان 6 صلاحڪارن ۽ خاص معاونن جا عهدا خالي ٿي ويندا، قانون، سيڙپڪاري ۽ اينٽي ڪرپشن جا قلمدان پڻ واپس ٿيندا

 ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب مڪاني چونڊن جا سمورا مرحلا مڪمل ٿيڻ کانپوءِ قانون بابت صلاحڪار مرتضيٰ وهاب پاران ميئر ڪراچي طور ڪاميابي ماڻڻ بعد قانون بابت صلاحڪاري واپس ڪئي ويندي، وٽس رڳو ميئر ڪراچي وارو عهدو رهندو

 ساڳئي ريت اينٽي ڪرپشن بابت خاص معاون بنگل مهر پاران گھوٽڪي ضلعي ڪائونسل ۽ سيڙپڪاري بابت خاص معاون قاسم نويد قمر پاران ٽنڊي محمد خان ضلعي ڪائونسل جي چيئرميني ماڻڻ،  ارسلان اسلام شيخ پاران ميئر سکر، سلمان مراد پاران  ڊپٽي ميئر ڪراچي ۽ صغير قريشي پاران ڊپٽي ميئر حيدرآباد چونڊجڻ بعد خاص معاوني واپس ڪئي ويندي

 ذريعن موجب  ڪراچي جي ڊپٽي ميئر سلمان عبدالله مراد کي ملير ، ارسلان اسلام شيخ کي سکر ۽ صغير قريشي کي حيدرآباد ضلعي جي نگراني جا اختيار مليل هئا. جن کان اهي اختيار اڄ حلف کڻڻ کانپوءِ واپس ورتا ويندا

Leave A Comment