مرتضيٰ وهاب ۽ سلمان مراد ڳڙهي پهچي ويا، شهيدن جي مزارن تي حاضري

جُون 22, 2023

نئون ديرو(ن پ و)ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب ۽ ڊپٽي ميئر سلمان عبدالله مراد شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهاهه ٻولهه ڪندي چيو آهي ته آئون پ پ جي ڪامياب اميدوارن سان گڏ شهيدن جي سرزمين ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهتو آهيان ته اسان شهيد قائدين کي خراج عقيدت پيش ڪري سگهون

هن چيو ته  15 جنوري تي ٿيل چونڊن ۾ بلاول جي نامزد ڪيل اميدوارن جي ڪاميابي ٿي، اسين شهيدن آڏو وچن ڪريون ٿا ته سندن عوام جي خدمت واري فلسفي تي عمل ڪنداسين

مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪراچي جي ترقي جو ڪم گذريل ڏينهن کان شروع ٿي ويو آهي. جنهن پارڪ ۾ آصف علي زرداري ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي شادي ٿي هئي ان  ڪڪري گرائونڊ کي تمام خوبصورت نموني ٺاهيو ويو آهي جنهن ۾ نوجوان مختلف رانديون کيڏي رهيا آهن

هن وڌيڪ چيو ته مخالف جماعتن کي دعوت ڏني آهي اسان گڏجي ڪراچي کي بهتر نموني ٺاهڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪريون

Leave A Comment